سنڌ-پنجاب دنگ وٽ چڱو مڙس گوليون هڻي قتل

اوٻاوڙو (رپورٽ:عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙي لڳ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ گھانگھرا برادري جو چڱو مڙس مارجي ويو، ھڪ ڄڻو زخمي.رپورٽ موجب سنڌ-پنجاب دنگ وٽ ماڇڪو ٿاڻي جي حد دشتي فارم سي پيڪ وٽ  موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ حاجي محمد بدل فقير گهانگهرو موقعي تي مارجي ويو ۽ لعل بخش گهانگهرو سخت زخمي ٿي پيو. علائقي واسين جي اطلاع تي ماڇڪو پوليس واقعي واري ھنڌ دير سان پھچي مقتول جو لاش ۽ زخمي کي کڻائي تعلقي اسپتال صادق آباد پھچايو، جتان زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.ٻڌايو وڃي ٿو ته حاجي محمدبدل گهانگهرو پنهنجي ڳوٺ نور شاهه کان صادق آباد وڃي رهيو هو ته دشتي فارم لڳ مٿس حملو ڪيو ويو.ماڇڪو پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو لڳي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.