35 ڊي ايس اپيز مقرريءَ خلاف درخواست، متحده جي استدعا رد

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس جنيد غفار ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ سنڌ پوليس ۽ مڪاني کاتي ۾ 35 ڊي ايس اپيز جي مقرريءَ خلاف ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ايم ڪيو ايم جو وڪيل سلمان مجاهد بلوچ پيش نه ٿيو .عدالت درخواست تي تڪڙي ٻڌڻي ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي آهي .عدالت گذريل ٻڌڻي تي ڪيس ٻڌڻ جوڳو آهي يا نه آهي تي دليل طلب ڪيا هئا .درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ڊي ايس پيز جي ڀرتين واري عمل کي عدالت پهرين غيرقانوني قرار ڏنو آهي.300 پوليس آفيسر 20 سالن کان ترقي جو انتظار ڪري رهيا آهن .سينيارٽي ۽ ميرٽ کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.2013ع ۾ مڪاني کاتي جي تڏهوڪي وزير آغا سراج درانيءَ جي دور ۾ 412 ماڻهن کي سڌي ريت ڀرتي ڪيو ويو، گريڊ 16۽ 17 ۾ غير قانوني ڀرتي ڪئي وئي جڏهن ته گريڊ 16 کان گريڊ 22 تائين ڀرتيون بغير سنڌپبلڪ سروس ڪميشن جي طريقي سان نه ٿيون ٿي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.