پي ٽي آءِ ڪارڪن جي گمشدگيءَ بابت رپورٽ طلب

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جڊيشنل مجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾سنڌ اسميبلي ۾ مخالف ڌر جي ليڊر حليم عادل شيخ جي گهر تي ڇاپي  واري ڪيس ۾ اينٽي ڪرپشن پاران پي ٽي آءِ ڪارڪن اعجاز کي حراست ۾ وٺي گم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالت 15 جون تائين اينٽي ڪرپشن جي ڊائريڪٽر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 15 مئي تي حليم عادل شيخ جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو، اينٽي ڪرپشن پي ٽي آءِ ڪارڪن اعجاز کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، کيس اڃا تائين عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي، خدشو آهي ته جڙتو مقابلي ۾ ماريو نه وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.