پنجاب پوليس ڪشمور مان کنڀيل ٻن نوجوانن کي ماري ڇڏيو

ريتي (رپورٽ: وجي ڪمار چاولا )پنجاب پوليس ڪشمور مان کنڀيل ٻن نوجوانن کي  ماري ڇڏيو، پنجاب پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي ڇڏائڻ لاءِ سندن هٿياربند ساٿين پوليس وئن تي حملو ڪيو، ساٿين جي  فائرنگ ۾ ڪشمور واسي ڏوهاري مارجي ويا.رپورٽ موجب  صادق آباد ۽ ڪوٽ سبزل ٿاڻن جي پوليس ڪشمور مان غفار ڪوش ۽ باغ جکراڻي نالي ٻن نوجوانن کي عورت کي ڏاڍائي بعد قتل ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو، جن کي ڪجهه ڏينهن گم رکڻ بعد ڪالهه مبينا مقابلي ۾ماريو ويو. ڊي پي او رحيم يار خان علي زياد موجب مارجي ويل جوابدارن ڪجهھ عرصو اڳ صادق آباد ۾ هڪ عورت کي اغوا ڪري زيادتي ڪرڻ  بعد قتل ڪيو هو، جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، سندن نشاندهي تي ڪچي واري علائقي مان قتل ڪيل عورت جو  لاش ۽ ڦر ڪيل  سونا زيور هٿ ڪيا، ٻنهي جوابدارن  کي ڪوٽ سبزل پوليس ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهي هئي ته ولهار ٻيلي وٽ جوابدارن جي ساٿين حملو ڪري ڏنو، ٻئي جوابدار پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا.هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته ڪوٽ سبزل پوليس تي ڪو به حملو نه ٿيو، پوليس ولهار ٻيلي وٽ ڪوڙي مقابلي ۾ ڪشمور واسي غفار ڪوش ۽ باغ جکراڻي کي ماري ڇڏيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.