سنڌ ۾ بي ايماني ۽ ناانصافي جو راڄ آهي: زين شاهه

سڪرنڊ (ن ع آ)  ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي وارڊ 7 تي بيٺل ايس يو پي جي نامزد ڪائونسلر ڌڻي بخش کوکر پاران ڏنل آجياڻي جي موقعي تي گڏ ٿيل ميڙ کي ايس يو پي سنڌ جي صدر سيد زين شاهه خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ بي ايماني ۽ ناانصافي جو  راڄ آهي سنڌ جي ماڻهن کي 14 سالن کان ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي. سنڌ مان ناڻو ٻاهرين ملڪ منتقل ڪيو پيو وڃي. سامونڊي پٽي تي رهندڙ ملاح غير محفوظ آهن جنهن جي زمينن تي قبضو ڪري کين لڏ پلاڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو ويو آهي. سنڌو درياءَ تي ڇهن ڪئنالن جي اجازت ڏئي سنڌ جي زمينن کي سڪايو پيو وڃي. سنڌ کي کپايو پيو وڃي. سنڌ جي بجيٽ ۾ اربين روپيا ڪاغذن جي نالي تي خرچ ڪيا ويا آهن. سنڌ جي ادارن ۾ ڪاغذن ۾ ڪوڙا بل ٺاهي پئسو هڙپ ڪيو پيو وڃي. سنڌ ۾ مالي بحران پيدا ٿي رهيو آهي حڪمران صرف پئسا ڪمائڻ جي چڪر ۾ آهن. سنڌ جي شعور کي اڳتي نڪرڻو پوندو ۽ سنڌ جي مالڪي ڪرڻي پوندي. ان موقعي تي فلڪ شير اوڏ، ڄام اسلم ڪوريجو، اڪبر ، سڪندر ايان کوکر، شهيد ڀٽو جي شوڪت ڀاڻوجو ،مزار خان رند، ايس يو پي اڳواڻ حاجي خان ڪيريو ۽ ٻين جلسي کي خطاب ڪيو.

  • سيٺارجا ۾ بلدياتي چونڊون، پ پ اميدوارن جا طوفاني دورا

سيٺارجا (ن ع آ) سيٺارجا ۾ بلدياتي چونڊن جون سرگرميون تيز ۽ عروج تي پهچي ويون آهن سيٺارجا ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر هڪ جي  جنرل ڪائونسلر پ پ پ اميدوار امير حسين خاصخيلي طوفاني دورا ۽ ڪارنر گڏجاڻين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي وارڊ جي مختلف برادرين جي کيس کي حمايت حاصل ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري بلدياتي اليڪشن ۾ کيس جي ڪاميابي جا چٽا امڪان آهن ان ۾ موقعي تي پ پ پ جو امير حسين خاصخيلي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي هن چيو ته انشاء الله  هن ڀيري بلدياتي چونڊن ۾ سيٺارجا ٽائون ڪاميٽي ۾ پيپلز پارٽي پاران نامزد ڪيل اميدوار اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا هن چيو ته عوام کي اپيل ڪيون ٿا ووٽ ڏئي ڪامياب ڪن ته جيئن پنهنجن علائقن جا ڪم ڪرائي سگهون.

  •  جلال محمود شاهه جون چونڊ سرگرميون، آزاد اميدوار هٿ کڻي ويو

مانجهند  (ن ع آ) مانجهند ۾ ايس يو پي سربراه سيد جلال محمود شاه جو مڪاني چونڊن جي حوالي سان اهم گڏجاڻي گهرائي مختلف يوسيز ٽائونن جي اميدوارن جي منظوري ڏني سن مانجهند ٽائون آمري شالماڻي لاکا شاه اويس قرني جي اميدوارن کي نامينيشن فارم ڀرڻ جون هدايتون ڪيو ان موقعي تي آزاد اميدوار رجب علي لاشاري ايس يو پي طرفان ٽائون مانجهند جي  وارڊ 2 جي اميدوار قربان علي ملاح جي حق ۾ ھٿ کڻي ويو جڏھن ت زوار اشفاق ميمڻ زوار الطاف ميمڻ حاجي حسين ميمڻ ايس يو پي سربراه سان ملاقات ڪري برادري سميت ايس يو پي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس يو پي سربراه سيد جلال محمود شاه چيو ت مڪاني چونڊن ۾ تعلقي مانجهند جي سمورين يوسين ۽ ٽائونن ۾ سندن پارٽي اميدوار ڪامياب ٿيندا مانجهند تعلقي ۾ ڄامشورو اتحاد برقرار رهندو سمورا اميدوار گڏجي چونڊ وڙھندا هن وڌيڪ چيو ت مقامي سطح تي ترقي جو منشور کڻي ميدان ۾َ آھيون پيئڻ جي پاڻي صفائي روشنائي سميت بنيادي مسئلن جي حل لاء عوام سندن نامزد اميدوارن کي ڪامياب ڪري ان موقعي تي عبدالقادر ميمڻ قربان ملاح ديدار ميمڻ اعظم شاه علي نواز ڪنڀر پڻ موجود هئا.

  • ووٽ داخل ڪرائڻ، ڊيٽا ۾ درستگي لاءِ تياريون جاري آهن

لاڙڪاڻو (ڊ ر) ريجنل اليڪشن ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن محمد حاجن عباسي پڌرو ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان لاڙڪاڻي ضلعي  جي سمورن ضلعن ۾ ايندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ ووٽر لسٽن ۾ ووٽ داخل ڪرائڻ، ڊيٽا ۾ درستگي ۽ ان سان لاڳاپيل معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ تياريون جاري آهن. سڄي ڊويزن جي سمورن ضلعن ۾ عوام جي سهولت ۽ رهنمائي لاءِ تعليمي ادارن ۽ سرڪاري عمارتن ۾ 560 ڊسپلي سينٽر قائم ڪيا ويا آهن ، جتي ووٽر لسٽون رکيون ويون آهن، جتان عوام پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ووٽن جي داخلا بابت معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو. اهي ڊسپلي سينٽر 19 جون 2022ع تائين ووٽن جي داخلا، انهن جي درستگي، صحيح ڊيٽا شامل ڪرڻ ۽ لاڳاپيل علائقن جي لسٽن ۾ نالا شامل ڪرائڻ جو ڪم ڪندا رهندا. جنهن لاءِ ووٽر فارم 15 ڀري سگهجن ٿا. ان کانسواءِ پنهنجي خاندان جي ووٽن ۾ تبديلي ڪرائڻ هجي ته فارم 17 ڀري سگهجي ٿو اهي فارم ڊسپلي سينٽرن تي موجود آهن انکانسواءِ سمورن ضلعي الڪيشن ڪمشنرز، رجسٽريشن آفيسرن ۽ اسسٽنٽ رجسٽريشن آفيسرن جي آفيسن مان مفت حاصل ڪري سگهجن ٿا. جڏهن ته 8300 تي پنهنجي موبائيل فون ذريعي پيغام موڪلي پنهنجي ووٽ، لاڳاپيل علائقي ۽ ڊسپلي سينٽر بابت معلومات وٺي سگهجي ٿي.

  • حڪومت عوامي بجيٽ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي: عادل الطاف انڙ

ڏوڪري  ( ن ع آ )  ڏوڪري ۾ جي ڊي اي اڳواڻ ۽ انڙ گروپ جي سرواڻ عادل الطاف حسين انڙ جو چوڻ هو ته گڏيل حڪومت عوامي بجيٽ  پيش ڪرڻ ناڪام بڻجي وئي آهي هن بجيٽ سان عوام مٿان مهانگائي جو بم ڪرايو ويو آهي، عوام موجوده حڪومتن مان بيزار ٿي چڪو آهي اهڙو اظهار هن ڪالھه ڏوڪري پريس ڪلب جي صحافي ياسر منگي سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت عوام دشمن بجيٽ پيش ڪري عوام کان جئيڻ جو حق کيسي رهي آهي، عوام مهانگائي سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور بڻجي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت ملڪ مهانگائي ڪري ملڪ جون حالتون خراب ڪري ڇڏيون آهن، مهانگائي سبب ڏوهن ۾ اضافو ٿي ويو آهي عوام هاڻي گهرن ۾ به محفوظ به ناهي رهيو. هن وڌيڪ چيو ته بلدياتي اليڪشن ۾ عوام جي ڊي اي جي اميدوارن کي اڪثريت سان ڪامياب ڪري مخالفن کي شڪست ڏيندو. ان موقعي تي عبدالحميد جيسر، لياقت علي سومرو، وڏيرو اياز خان جوڻيجو، شڪيل احمد مينگل، علي اصغر ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا.

  • پ پ يوسي هوت خان جلباڻي ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي: گل حسن مشوري

ھالاڻي ( ن ع آ ) پاڪستان پيپلز پارٽي مڪاني چوندن ۾ يوسي ھوت خان جلباڻي ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي  پ پ جا سمورا اميدوار وڏي  اڪثريت سان ڪامياب ٿيندا اھڙي خيالن جو اظهار سردار گل حسن مشوري  پ پ جي پينل ۾ شامل اميدوارن کي مختلف ڳوٺن ۾ ڏنل آجياڻين جي تقريب ۾ ڳالھائيندي چيو ته يوسي ھوت خان جلباڻي جو عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهي عوام اليڪشن جي ھر گھڙي ۾  پ پ اميدوارن جو ساٿ ڏنو آھي،  پ پ خلاف اتحاد جڙندا آھن پر سدائين عوام  پ پ جو ساٿ ڏنو ، ان موقعي تي پ پ پاران نامزد چيئرمين حاجي علي مردان چانگ، وائيس چيئرمين عرفان علي جلباڻي،جنرل ڪائونسل ميمبر سڪندر خان جلباڻي، ۽ ضلع ڪائونسل اميدوار حاجي غلام جان بروهي ڳوٺ گاما اعواڻ ۾ آجياڻي جي تقريب ۾ چيو ته پارٽي ٽڪيٽ ملڻ تي بلاول ڀٽو زرداري ، پ پ ليڊيز ونگ جي اڳواڻ ميڊم فريال ٽالپر جا شڪر گزار آهيون.

  • اڪري ۾ ڪائونسلر  جو پولنگ تبديل ڪرڻ خلاف احتجاج

اڪري چودڳي (ن ع آ)  يوسي اڪري جي وارڊ 2 جي پي ايس اسڪول اڪري جي پولنگ جي پي ايس نهال سانگي ۾ تبديل ٿيڻ خلاف جي  ڊي اي وارڊ 2 جي جنرل ڪائونسلر جي اميدوار علي بخش شرڊي سي ۽ ڊي آر او خيرپور وٽ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته وارڊ جي پولنگ کي تبديل ڪري ٻي هنڌ رکيو ويو آهي جنهن هنڌ تي پولنگ منتقل ڪئي ويئي آهي اهو سرڪاري زبون حال اسڪول آهي ۽ڇانو جو بندوبست به نه آهي ۽اڳين اليڪشن ۾ ان پولنگ تي جهيڙو به ٿيو هو جنهن ۾ هڪ ماڻهو مارجي ويو هو ۽نهال سانگي پولنگ مهراڻ هاء وي روڊ جي بلڪل ويجهو آهي جنهن سبب ووٽرن کي روڊ ڪراس ڪرڻ مهل حادثو پيش اچڻ جو خطرو ٿي سگهي ٿو جڏهن ته جي پي ايس اڪري هڪ مناسب ۽نئين بلڊنگ ٺهيل اسڪول آهي چوديواري سان گڏ ڇانو ۽سيڪيورٽي جو بهتر بندوبست ٿيل آهي جي ڊي اي ڊسٽرڪٽ ڪائونسلر اميدوارن محمد شاهد شر موجب پولنگ جو هنڌ تبديل ڪرائڻ ڌانڌلي جي شروعات آهي ۽مخالف اميدوارن جو علائقو هجڻ سبب اسان جي حمايتي ووٽرن کي پريشان ڪرڻ جو طريقو آهي اسان اهڙي درخواست لاڳاپيل اختيارين کي ڏني آهي اميد آهي ته انصاف ڪيو ويندو جڏهن ته پ پ پ اميدوارن موجب وارڊ 2 ۾ سانگي ۽بالادي برادري جو ووٽ گهڻو هجڻ سبب پولنگ نهال سانگي منتقل ٿي آهي جيئن گرمي ۾ ووٽر تڪليف کان بچي سگهن.

  • ضلعي اندر 82 ڊسپلي سينٽر قائم ڪيا آهن: ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ڄامشورو

ڀان سيدآباد (ن ع آ (ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر ڄامشورو عبدالقادر راجپوت چيو آهي تہ ضلعي اندر 82 ڊسپلي سينٽر قائم ڪيا آهن جتي ووٽر لسٽون موجود آهن، ووٽن جي تصديق جو عمل جاري آهي، اهڙو اظهار ضلعي اليڪشن ڪمشنر ڄامشورو عبدالقادر راجپوت ڀان سيدآباد ۾ ڊسپلي سينٽرن جي اوچتي دوري بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو تہ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي هدايتن تي ڊسپلي سينٽر قائم ڪيا آهن جنهن به شهري کي ووٽ جي تصديق ڪرائڻي آهي اهو ڊسپلي سينٽر تي اچي تصديق ڪري سگهي ٿو، ڊسپلي سينٽر 19 جون تائين بنا ڪنهن موڪل جي کليل رهندا، هن چيو تہ نادرا جي رڪارڊ مطابق ووٽر لسٽ ۾ ووٽ جي منتقلي عارضي يا مستقل ايڊريس تي ٽرانسفر ڪرائي سگهجي ٿي، جيڪڏهن ڪنهن ووٽ جي داخلا تي اعتراض آهي تہ ان لاء فارم 16 ڀري اليڪشن ڪميشن جي عملي وٽ جمع ڪرايو وڃي، هن وڌيڪ چيو تہ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان عام چونڊن جي تياري ڪري رهي آهي ان جي لاء ئي ووٽ تصديق ڪرائڻ لاء ڊسپلي سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.

  • پڊعيدن جي اڄڻ برادري پاران آزاد پينل جي حمايت جو اعلان

پڊعيدن ( ن ع آ ) پڊعيدن اسٽيشن وارڊ نمبر 9،10جي اڄڻ برادري پاڻ ۾ گڏجاڻي کان پوءِ  پير سائين رڪن الدين قريشي جي حمايت جو  اعلان ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي شعيب اڄڻ ۽ نويد اڄڻ چيو ته اسان برادري جي ميٽنگ ڪري اهو فيصلو ڪيو آهي ته هن دفعي پير سائين رڪن الدين قريشي جي آزاد پينل جي هر وارڊ ۾ سپوٽ ڪنداسين ۽ سائين سان هر وقت گڏ آھيون، ٻئي پاسي پير رڪن الدين قريشي چيو ته آءُ شڪر گذار آھيان اڄڻ برادري جي دوستن جو جن آءُ تي اعتماد ڪندي اسان جي آزاد پينل ۾ شامل ٿيا،  اسان اڄڻ برادري جا شڪر گذايو آھيون جن اسان جي سپوٽ ڪئي آھي، مٿي ايم پي اي ۽ ايم اين اي ڪهڙي به پارٽي جا هجن اهي سڀ پاڻ ۾ سيٽ آھن پاڻ کي به اتي گڏ اٿڻو ۽ ويهڻو آھي، ان جي ڪري سڀ گڏجي محبتون وڌايون.

  • يوسي وڪڙو ۾ضلعي ڪائونسلر جو آزاد اميدوار پ پ  اميدوار جي حق ۾دستبردار

ڏوڪري ( ت ر) ڏوڪري ويجهو ڳوٺ ڌڻي بخش جوڻيجو ۾  ضلعي ڪائونسل  جي آزاد اميدوار احمد بخش جوڻيجو، پ پ ضلعي ڪائونسل جي اميدوار پير بخش جوڻيجو جي حق ۾ هٿ کڻي ويو،  ٻئي طرف ڳوٺ مڱياڻي ۾ پ پ  ضلعي ڪائونسل جي اميدوار پير بخش جوڻيجو جي مان ۾ آجياڻي جي تقريب رکي وئي، جنهن جي ميزباني قربان علي، علي محمد جوڻيجو، حافظ زاهد جوڻيجو، روشن علي جوڻيجو  ارشاد جوڻيجو ۽ ٻين ميزباني ڪئي، تقريب ۾ ڳوٺ جي  سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پ پ ضلعي ڪائونسل جي اميدوار پير بخش خان جوڻيجو چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي، جنهن ۾ مخالفن کي بري طرح شڪست ڏينداسين،  چيئرمين شڪيل  سولنگي جو چوڻ هو ته اسان عوام  جي اڳ ۾ خدمت ڪئي آهي، هاڻي به ڪندا رهنداسين، جڏهن ته تقريب ۾ اڳوڻي يوسي چيئرمين  غلام حسين  سولنگي جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سنڌ مان بي روزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو آهي، تڪ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، جڏهن تقريب وائيس چيئرمين جي اميدوار عامر ڏيرو، ڪائونسلر اميدوار ارباب جوڳي، نصير جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي .

  • پيڊعيدن ۾ مسلم ليگ ن پاران پ پ اميدوار جي حمايت جو اعلان

پڊعيدن ( ن ع آ )  پڊعيڊن شھر ۾ تمام وڏو پروگرام رکيو ويو ھو جتي پاڪستان مسلم ن طرفان بلدياتي چونڊيل لاءِ نامزد ڪيل اميدوارن   خالد ميان راڄپر حمايت  ڪري ورتي، نامزد اميدوار يوسي جو چيئرمين حاجي عبدالرحمان راڄپر،  ڊسٽرڪٽ ميمبر ڊاڪٽر عابد راڄپر، جنرل ڪائونسلر وارڊ نمبر 10 جو اميدوار مجاھد علي آرائين  ۽ وارڊ نمبر 9  جو اميدوار فيضان احمد ڀٽي پاڪستان مسلم ليگ ن طرفان  آجياڻو ڪيو ويو، ان موقعي تي  خالد ميان راڄپر   خطاب ڪندي چيو ته پ پ جھموري پارٽي آهي هر دور ۾  غريب عوام سان ناانصافيون ٿيون آهن،  ان موقعي تي  شفيق ميان راجپر انصاف علي راجپر ٻدايو ته اسان قائد ميان نواز شريف جي مشن تي ڪم ڪري رهيا آهيو ۽ پنهنجي يو سي چيھو جا طرقياتي ڪمن جو ڄار وڇائي گھٽيون روڊ رستا ٺھرائي عوام جي ھر ممڪن مدد ڪندا سين.

  • شهدادپور ۾چونڊ چهچٽو، پ پ اڳواڻ کي آجياڻو

شھدادپور ( ن ع آ ) پ پ جي سرگرم اڳواڻ سابق ضلعي چيئرمين پيربخش ڏيرو جو جلالاڻي ڳوٺ پھچڻ تي شاندار استقبال ، مختلف برادرين پاران کيس آجياڻو پيش، جيئي ڀٽو جي نعرن جي گونج ۾ گل نچاور ڪيا،يوسي ملدسي سوئپ ڪنداسين ،ٽن وارڊن بعد چوٿين وارڊ مان به جي ڊي اي کي ڊوڙائي ڊوڙائي ھارائينداسين ڏيري جو اعلان خبر موجب يونين ڪائونسل ملدسي ۾ جنرل ڪائونسلر الھ بخش جلالاڻي جي ورڪ مھم جي سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جو بزرگ سياستدان سابق ضلع ناظم پيربخش ڏيرو ڳوٺ لال خان جلالاڻي پھتو جتي جلالاڻي ھائوس تي نيڪ مرد رئيس غلام حيدر جلالاڻي ،انور خان جلالاڻي ،اميدوار الھ بخش جلالاڻي ،چاچا عبدالله جلالاڻي ،عبدالرزاق جلالاڻي ،والھانہ طور ڪيو کيس اجرڪن جا تحفا پڻ پيش ڪيا ان بعد الھبچايو خاصخيلي ، آچر خاصخيلي ، ربڏنو خاصخيلي ، سليم خاصخيلي ،رئيس خان محمد جلالاڻي، صوبو خان لنجواڻي، ملاح پاڙي ۾  منٺار ملاح سميت مختلف علائقن ۾ ڳوٺاڻن ۽ ڪارڪنن پاران شاندار آجياڻا پيش ڪيا ويا ان موقعي تي بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويل چيئرمين سڪندر خان ڏيرو ،انور ٻگھيو پ پ اڳواڻ محمد عمر خاصخيلي جو فرزند محمد قاسم خاصخيلي ،پڻ ساڻس گڏ ھئا. آجياڻي جي تقريبن دوران خطاب ڪندي پير بخش ڏيرو چيو ته يوسي ملدسي انشاءالله پيپلزپارٽي سوئپ ڪندي جي ڊي اي کي ٽن وارڊن مان ڪڍي ورتو ھاڻي ھن چورين وارڊ مان ڪڊي يوسي مان ھن وائرس جو خاتمو ڪنداسين ھن چيو ته پيپلزپارٽي مرڪز صوبائي ۽ ضلعي تعلقي جي قيادت جو شڪر گذار آهيان جن مونتي اعتماد ڪيو آھي اسان چيئرمين شپ کانسواء ٽي وارد کٽي چڪا آھيون مخالف اميدوار کي گھرجي ته ھو پاڻمرادو ميدان خالي ڪري نه ته اليڪشن ۾ ھتان جو عوام جمھوري طريقي سان کيس شڪست ڏيندو الھ بخش جلالاڻي نھايت سچو مخلص انسان آھي کيس ڪامياب بنايو وڃي. اوھان ڳوٺاڻن جيڪا عزت بخشي والھانہ استقبال ڪيو ان لاء شڪر گذار آهيان.

  • پ پ 15 سالن جي حڪومتي دور ۾ پئسا هڙپ ڪيا: مولانه محمد صالح انڍڙ

پنو عاقل ( ت ر ) پ پ  سنڌ جي حڪومت گذريل 15 سالن ۾ خربين رپيا ترقياتي ڪمن بحاني ھڙپ ڪيا آھن ۽ سنڌ کنڊراٿ ۾ تبديل ٿي وئي آھي،ھاڻي بلدياتي اليڪشن ۾  پ پ وارن پنھنجي من پسند ماڻھون کي کٽرائڻ لاءِ من گھڙت سازشيون ڪري رھيا آھن،پر جمعيت علماءِ اسلام کين کي چڱي طرح سڃاڻي ٿي،اھڙو اظھار جي يو آءِ سکر ضلعي جي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد صالح انڍڙ ھتي يوسي بائيجي شريف جي اميدوارن پاران رابطا آفيس کولڻ واري افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته  اسان صبر سان اليڪشن مھم ھلائي رھيا آھيون، پ پ وارا پنھنجي شڪست ڏسي بوکلائٽ جو شڪار ٿي ويا آھن،ھاڻي سنڌ جو عوام سڄاڳ ٿي چڪو آھي،26 جون عالمن جي فتح جو ڏينھن ھوندو،ان کان يوسي بائيجي تي نامزد چئيرمين اميدوار حاجي ميان فضل اللھ سومرو،ضلعي ڪائونسل جي اميدوار عبدالرزاق ڪلھوڙو،وائيس چئيرمين جي رياض احمد ڪلھوڙ،جنرل ڪائونسلر زب انڍڙ،اصغر سومرو،فرحان ڀٽو،نديم ڪلھوڙو ۽ ٻين جماعتي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي وارن پنھنجي حڪومتي دور ۾ جيڪا ڪرپشن ڪئي آھي اسان ان جا ان گ اکر پڌرا ڪياسون ته ھو نيب سميت مڙني قانوني ادارن آڏو ايترا ته ڪرپٽ ثابت ٿيندا جو ھو جند به نه ڇڏائي سگھندا،ان وقت يوسي بائيجي جي مختلف برادرين سان لاڳاپيل 50 کان وڌيڪ اھم اڳواڻن جي يو آءِ جي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو.

  • نوشهري جي يوسي ڀرنڊ تي پ پ اميدوار بنامقابلي ڪامياب

نوشھرو فيروز ( ڊر ) يوسي ڀرنڊ جي  ڳوٺ ننڍا ڏنگرج ۾ اعظم ڏنڱراج ، اسدالله عرف ڀٽو سھيل ڏنڱراج پاران ڪارنر گڏجاڻي کي  پيپلز پارٽي يوسي ڀرنڊ جي اڳواڻ رئيس ياسين خان چانڊيو بنا مقابلي ڪامياب ٿيل يوسي ڀرنڊ  جي چيئرمين رئيس شمس الدين چانڊيو بنا مقابلي ڪامياب ٿيل  عببدالغني ڏنڱراج، مظھر علي ڏنگراج ۽ غلام حيدر ڀرٽ شاڪت ڪئي، ان موقعي تي رئيس ياسين چانڊيو ڪارنر  گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان يوسي ڀرنڊ جي ڳوٺ ننڍا ڏنڱاراج جي دوستن اعظم ڏنڱراج، اسد ڏنڱراج جا لک  ٿورا جن گرميءَ  ٻوسٽ جي دوري ۾ ھيڏي وڏي پيماني تي ڪارنر   گڏجاڻي ۾ تڳر، ٻاٽ، ٻروچ ، سولنگي، ٻوھيا تڳر ، ڀٽي ، چانڊيا برادري سان ڳالھائڻ جو موقعو ڏنو .. يوسي جي سڀني دوستن جا قرب جن اسان جي حمايت ڪئي اسان چيئر مين رئيس شمن علي چانڊيو  وائيس چيئرمين عبدالغني کي بنا مقابلي ڪامياب ڪيو  اسان وري به سڀني دوستن کي چونداسين ته 26 جولاءِ  تي صبح جو سوير پنھنجي ٻارن ٻچن سميت جيئي ڀٽو جا نعرا ھڻندا پنھنجي پولينگ تي وڃي  پيپلز پارٽي پاران بيھاريل پنھنجي امدوارن جي نشان تير ته ٽپو ھڻي ڪامياب ڪندا، ان موقعي تي بنا مقابلي ڪامياب ٿيل چيئرمين شمس الدين چانڊيو  سموري يوسي جي عوام جو ٿور مڃيو ۽ واعدو ڪيو ته اسان  تي توھان اعتماد ڪري بنا مقابلي ڪامياب ڪرايو آ اسان جو به واعدو آهي، توھان جي اعتماد تي پورو لھنداسين، ان موقعي تي وائيس چيئرمين غني ڏنڱراج سڀني جو شڪريو ادا ڪيو، غلام حيدر ڀرٽ،  رسول بخش تڳر ، اعظم ڏڱراج، مظھر ڏنڱراج ۽ ٻين  خطاب ڪيو آيل مھمان کي گلن جا ھارپارائي آجياڻو ڏنو

  • سڄي عمر پ پ کي ڏني پر نظرانداز ڪيو ويو: ڳوٺاڻا

انب موري  (رپورٽ : علي احمد جروار ) يونين ڪائونسل دلاور  م آزاد پينل تي بيٺل حاجي حنيف جي  ڳوٺ  منير گجر ۽ ڳوٺ رئيس  غلام  محمد لغاري م ڪارنر گڏجاڻي جنهن م رئيس ٻڍو خان لغاري رئيس پير بخش لغاري رئيس مير محمد لغاري رئيس غلام محمد لغاري منير گجر ۽ ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي ڳوٺاڻن ۽ معزز ماڻھن آزاد اميد وار تي بيٺل حاجي حنيف لغاري کي اليڪشن م ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪرڻ جو وچن  ڪيو.   ڳوٺاڻن ٻدايو ت اسان سڄي ڄمار پ پ پ کي ووٽ ڏنا  سڌائين پ پ پ جا ورڪر ٿي گذاريو پر اسان کي سڌائين نظر انداز ڪري وساريو ويو اسان کي هنن ڪڏهن ب ڪو ڪم ن ڏنو هنن پندرنهن سالن م منشيات ڏوھن کي هٿي ڏيئي ظالمن جو ساٿ ڏنو اسپتال ٿاڻان هر جڳھ تي پ پ پ وارن جو قبضو ڏاڍ جواني اسان ٻن ويلن جي ماني لاء پريشان هي راتو رات امير ٿيندا پيا وڃن  هاڻ اسان ب پ پ پ کي الوداع ڪري آزاد اميد وار کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪنداسون اهو اسان جو وچن آھي.

  • فريد آباد ۾ چونڊ سرگرميون، ڏيرا برادري جا ماڻهو پ پ ۾ شامل

فريدآباد ( ن ع آ )فريدآباد ڏيرا برادري جي معزز شخصيت عبدالسليم خان ڏيرو، ثناالله خان ڏيرو جي رھائشگاھ  تي پي ٽي آء کي الوداع ڪري  پ پ يوسي فريدآباد  صدر ۽ اميدوار چيئرمين ذوالفقار علي ڪلھوڙ، وائيس چيئرمين اميدوار سڪندرعلي ڏيرو جي موجودگي ۾ پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن  ۾ فقير ممتاز چانڊيو  محمدنواز چانڊيو  محمد شريف چانڊيو  حاجي رستم چانڊيو  شيرل چانڊيو  رئيس حاجي خان چانڊيو  قربان چانڊيو   مور چانڊيو  حاجي حاڪم چانڊيو  حاجي منظور چانڊيو  صحبت چانڊيو معشوق چانڊيو  محرم چانڊيو محبت چانڊيو  ۽ ٻين پيپلزپارٽي ۾ اعلان ڪري ڇڏيو شموليت ڪندڙن چيو ته  اسان لياقت علي جتوئي  جا پراڻا ووٽر آھيون ھاڻي اسان پپيلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ پ پ يوسي صدر ذوالفقار علي ڪلھوڙو وڏيرو عبدالسليم خان  ڏيرو  وڏيرو ثناءاللّه ڏيرو سڪندر علي ڏيرو بابر علي چانڊيو  رئيس مينھون خان خاصخيلي ارشاد علي ڪرٽيو امجدعلي گائنچو سرور علي ڏيرو عاشق علي گائنچو علي رضا گائنچو۔ موجود ھياھوڏانھن  ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏيرو عبدالسليم  ڏيرو وڏيرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان شڪر گذار آهيون چانڊيا برادري جي ماڻهن جو جن اسان تي اعتماد ڪري پيپلزپارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اسان ڪاڇي واسين جي خدمت ڪنداسين ۽ پ پ يوسي صدر ذوالفقار علي ڪلھوڙو ميڊيا سان  ڳالھائيندي چيو ته پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي اسان سان جيڪي دوست پارٽي ۾ آهن انهن کي ڏک سک ۾ـ پاڻ سان گڏ کڻي ھلنداسين.

  • نئين ڪوٽ ۾چونڊ چهچٽو، پ پ اڳواڻ لاءِ ڏکيائيون

نئون ڪوٽ(رپورٽ زاھد مغل) نئون ڪوٽ ٽائون ڪميٽي  نئون ڪوٽ جي 9 ئي وارڊن تي مقابلا نئون ڪوٽ شھر گھڻ ٻولي ڳالھائيندڙن جو شھر ھجڻ سبب پ پ اميدوارن کي سخت مشڪلاتون ٽائون ڪميٽي نئون ڪوٽ  جي 9 وارڊن تي 72 اميدوارن نامزدگي فارم ورتا۔ جنھن مان ھٿ کڻڻ دوران 19 اميدوار دستبردار ٿيا۔ 9 وارڊن تي پ پ متحده جمائت  اسلامي جي ڊي اي پي ٽي آء تحريڪ الله اڪبر فنگشنل ليگ ۽ آزاد اميدوار ميدان ۾ آهن۔ جن مان پيپلز پارٽي واحد جمائت  آهي۔  جنھن 9 ئي وارڊن تي پنھنجا ٽڪيٽ  ھولڊر اميدوار بيھاريا آهن۔  پ پ جي ماضي جي ڪاميابين کي نظر ۾ رکندي پ پ کي شڪست ڏيڻ لاء ڄاڻايل  سڀ پارٽيون  ھڪ آهن۔ جڏهن تـ ٽڪيٽ  نـ ملڻ سبب بيھندڙ اميدوار بـ پ پ جو ووٽ ٽوڙيندا جيڪي اختلافن بعد پ پ کان ڌار ٿي آزاد حثيت ۾ آيا آهن۔  ٽائون ڪميٽي  نئون ڪوٽ جي چئرميني حاصل ڪرڻ لاء پ پ جي مقابلي ۾ سب جمائتون پر اميد آهن۔ ھن کان اڳ سدائين چئرمين پ پ جا ئي رھيا آهن۔  ھن ڀيري پ پ کي وڏي محنت ڪرڻي پوندي.

  • مخالفن کي مايوسي کان سواءِ ڪجهه نه ملندو: محمد بخش مهر

گهوٽڪي ( ڊ ر  ) پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مھر چيو ته پ پ جي جيالن جو جوش و خروش ڏسي سئو سيڪڙو يقين ٿي رهيو آهي ته گهوٽڪي ضلعي ۾ پ پ سوڀاري ٿيندي ۽ مخالفن کي مايوسي کان سواءِ ڪجهه به پلئه نه پوندو، مخالفن جا کوٽا سڪا هاڻي بلڪل نه هلندا. 26 جون مخالفن جي شڪست جو ڏينهن آهي ۽ اسان جيالن سان گڏ جشن ملهائينداسين. محمد بخش خان مهر کونهارا پهتو جتي يو سي چنگلاڻي تي چيئرمين شپ لاءِ بيٺل اميدوار  ايڊووڪيٽ عمران علي ڪلوڙ سان ملاقات ڪئي.  عمران علي ڪلوڙ پ پ اميدوار جي حق ۾ دستبردار ٿي ويو، عاشق علي چاچڙ، رئيس ظهور احمد چاچڙ، رئيس رفيق احمد چاچڙ ۽ٻين سان ملاقات ڪئي جتان عاشق علي چاچڙ پ پ جي نامزد اميدوار مير حمزھ خان سندراڻي جي حق ۾ دستبردار ٿي ويو. ان بعد  پ پ اڳواڻ رضوان شاھ جي رهائش گاھ تي پهتو جتي رضوان شاهه ۽ ٻين سان بلدياتي اليڪشن بابت مشاورت  ڪئي.ان موقعي تي هن  چيو ته گهوٽڪيءَ کي کٽڻ جون ڳالهيون ڪندڙ احمقن جي دنيا ۾ رهن ٿا، ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ جا نامزد سمورا اميدوار ڪامياب ٿيندا ۽ مخالفن کي مايوسي کان سواءِ ڪجهه به پلئه نه پوندو  ان موقعي تي حاجي زبردست خان مهر ،ڄام غلام قادر خان ڌاريجو ،ڄام آصف خان ڌاريجو ،مير حمزه خان سندراڻي ،سڪندر لاکو، سردار بگن خان ڪلادي سليم الله خان ڪلوڙ ۽ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.