ڪراچي جي شاهنواز شر ڳوٺ ۾پاڻيءَ جو بحران، رهواسي سراپا احتجاج

گلشن اقبال (رپورٽ : شفقت نوناري ) شاهنواز شر ڳوٺ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڳوٺاڻن ڪامريڊ حسين ڏاهري، عرفان عالماڻي، هارون جمالي، دلدار  شر، شاهه جهان مارفاڻي، خادم مارفاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ احتجاجي بينر کڻي مين بازار ۾ احتجاجي مارچ ڪري يونين آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا، پاڻي چور نامنظور جي شديد نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته سخت گرمي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي هنن الزام هنيو ته يونين ڪميٽي وارا پاڻي جي مد ۾ پئسا ته وٺن ٿا پر ڳوٺاڻن کي پاڻي نه ٿا ڏين ۽ انتقامي ڪاروائي جو نشانو بڻائين ٿا اسين مطالبو ڪريون ٿا ته نااهل ڪميٽي کي ھٽائي پاڻي جي فراهمي کي ممڪن بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.