ڪوٽڙي ۾پورھيتن کي حق نه مليا، پيادل مارچ، ايم پي اي جي گهر اڳيان ڌرڻو

ڪوٽڙي( رپورٽ : جبار ڪابورو) ڪوٽڙي سائيٽ جي عوامي ڪاٽن مل جي پورهيتن کي انصاف نہ مليو گذريل اٺ ڏينهن کان سراپا احتجاج رات دير سان مختيار ڪار ڪوٽڙي ليبر ڊپارٽمينٽ پوليس ۽ سياسي ڌرين گڏجي پورهيتن سان ڳالهيون ڪري مطالبا مڃي ورتا هئا اڄ ٻيهر مل انتظاميا ليبر لا جي ڇڪڙي ڪندي پورهيتن سان ڪيل معاهدن تان ڦري وئي  جنهن بعد پورهيتن طرفان پنج ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري ايم پي اي ملڪ هائوس پهتا جتي احتجاج ڪيو   جبري طور تي برطرف ڪيل پورھيتن خالق ساريو ـ شھريار گوپانگ ـ عرفان ملاح ۽ ٻين چيو تہ  پنھنجن حقن لاء احتجاج ڪرڻ اسان لاء ڏوھ بڻجي ويو آھي پگهار ۾  واڌ لاء احتجاج ڪيوسين ته مل انتظاميا اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي جبري طور نوڪرين کان برطرف ڪري ڇڏيو آھي.  مسلسل اٺن ڏينھن کان احتجاج ڪري رھيا آھيون انتظاميا ڳالهيون ڪري مطالبا مڃڻ بعد فري وڃي ٿي هنن چيو تہ اسان پورهيتن سان اهڙي قسم جو ورتاء ثابت ڪري ٿو تہ سرمائيدار پوليس ۽ ليبر کاتو مليل آهن ضلعي انتظاميا بہ سنجيدا ناهي ان ڪري ڏانهن کڻي ملڪ هائوس آيا آهيون اميد آهي تہ انصاف ٿيندو،ملڪ هائوس پاران اڄ 12 وڳي تائين معاملو حل ڪرائڻ جي خاطري پورهيت ملهه گرائونڊ ۾ پهچي ويا، رات گذارڻ بعد مل ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.