سنڌڙي ويجهو ٻن موٽرسائيڪلن ۾ٽڪر، 10 ڄڻا زخمي

سنڌڙي (ن ع آ ) سنڌڙي ڀرسان کپرو روڊ تي منگسي پمپ وٽ ٻن ڪارن ۽ رڪشہ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن، ٻارڙن سميت 10 ڄڻا  زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين ۾ جميلہ سنگراسي، احمد، رضيہ، رابعيہ، شھناز سنگراسي، زبيدہ، نگينا، مريم ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ سنڌڙي جا زرداري ۽ کپرو ڀرسان دين محمد سنگراسي جا سنگراسي ھئا، زرداري فيملي جا ڀاتي رڪشہ تي زيارت ڪرڻ وڃي رھيا ھئا تہ اچانڪ روڊ تي چڙھڻ دوران ڪار جو ٽڪر لڳو پويان ساڳئي خاندان جي ايندڙ ٻئي ڪار بہ اڳئي ڪار سان ٽڪرائجي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.