جمال شاهه ويجهو نوجوان واهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو

جمال شاھه (ن ع آ)جمال شاھ ڀرسان ڳوٺ ٻيڙو زرداري جي رهواسي 30 سالن جي نوجوان فياض ولد ننگر زرداري پاران 4 ڏينهن اڳ جمال  شاھ ڀرسان روھڙي ڪينال جي يوسف ڏاھري ريگيوليٽر وٽان ٽپو ڏئي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو هو، جنھن جو لاش 90 ڪلاڪن کان پوءِ وارث علي شاھ موري وٽان هٿ ڪري گهر منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته آپگهات ڪندڙ نوجوان جي ڀاءُ ملوڪ زرداري ٻڌايو ته منھنجو ننڍو ڀاءُ فياض زرداري بابا کان ٿوري ڳالھ تي ناراض ٿي  روھڙي ڪينال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي، جڏهن ته فياض هڪ گهر زال، هڪ پٽ ۽ 2 نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن، جڏهن ته لاش جو پوسٽ مارٽم وارثن ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.