لاڙڪاڻي ۾ ٻارڙي کي اغوا ڪندڙ جوابدار سوگهو، ڪٽڪو، پوليس حوالي

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ چئن سالن جي نينگري کي مبينا اغوا جي ڪوشش، پاڙيوارن الزام هيٺ آيل همراهه کي سوگهو ڪرڻ بعد ڪٽڪو ڏئي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد نظر پاڙي ۾ چئن سالن جي نينگري الهه بچائي ڌيءَ پرويز ڍڪڻ کي مبينا طور همراهه پاران اغوا جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن کي علائقي واسين ڏسي نينگري جي وارثن کي اهڙو اطلاع ڏنو جنهن تي نينگري جي وارثن پهچي الزام هيٺ آيل همراهه کي ڪٽڪو ڏيڻ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان نينگري الهه بچائي ڍڪڻ جي والد پرويز ڍڪڻ ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ گهر کان ٻاهر ويل هئي جتان گهر واپسي تي باگڙي برادري جي همراهه کيس اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن کي پاڙيوارن ڏسي اسان کي اهڙو اطلاع ڏنو بعد ۾ اسان پهچي همراهه کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.