مٽياري ۾صحافي کان ڦريل رقم ۽ موبائيل هٿ

مٽياري/اڏيرولعل وليج (نمائندا ) ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ جي هدايتن تي جاکري ٿاڻي جي پوليس ڏوھ ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انهن وٽان  صحافي کان ڦر ٿيل سامان موبائل سيٽ  ڪيش  پئسا هٿ ڪري ورتا، هٿ ڪيل سامان  ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ  پنهنجي هٿن سان صحافي عادل خشڪ جي حوالي ڪيو ياد رهي تہ ڪجھ  وقت  پهرين صحافي عادل خشڪ مٽياري کان پنهنجي ڳوٺ  يارمحمد خشڪ وڃي رهيو هو تہ  جاکري ٿاڻي جي حد ۾ ڪجھ  ڦورو کائنس  موبائيل فون ۔ڪيش پئسا ۽ ضروري سامان ڦر ڪري وياهئا  ڦر دؤران مزاحمت تي ڦورو صحافي عادل خشڪ کي  زخمي ڪري فرار ٿي ويا  جنهن   واقعي جو ڊي آئي جي حيدرآباد  پيرمحمد شاھ نوٽيس ورتو ۽  ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ جي حڪم تي  جاکري پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪري ڦر ٿيل سامان ھٿ ڪري ورتو جنهن کانپوءِ ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ملڪ ڦر ٿيل سامان صحافي عادل خشڪ جي حوالي ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.