ٽنڊي محمد خان ۾لڄالٽ الزام هيٺ آيل ڌر جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان ( رپورٽ حيدر شورو ) ٽنڊو محمد خان جي ، بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ جمعون نوحاڻي جي رهواسي ڳوٺاڻن 22 سالا شادي شده عورت صفيه نوحاڻي جي لڄالٽ واري واقعي کي الزام قرار ڏئي ٽنڊو محمد خان ستر موري روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو . جنهن سبب ٽريفڪ معطل رهي .  احتجاج ۾ شامل ڳوٺاڻن جمعون خان نوحاڻي ، علي اڪبر نوحاڻي ، عالم خان نوحاڻي ، حاجي شفيع محمد نوحاڻي ، عبدالواحد نوحاڻي ، الهبچايو نوحاڻي، غلام مصطفي نوحاڻي ۽ ٻين چيو ته اسان جي ڳوٺ جي  رهواسي 22 سالا شادي شده عورت صفيه نوحاڻي جيڪا ڳوٺ ۾ بدنامي جو باعث بڻجي وئي آهي . هن کي سندس مڙس سومار نوحاڻي غلط چال چلت جي ڪري گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي . هن جو ڪم علائقي جي ڳوٺاڻن کي پريشان ڪرڻ آهي . سندس پيءَ تي ادهار جي رقم هجڻ ڪري هن لڄالٽ جو ڪوڙو الزام لڳايو آهي . جي مڙس سومار نوحاڻي کيس غلط الزام هڻڻ تي گهر مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي . عورت ڳوٺ جي ننڍي عمر جي 15 سالا نوجوانن تي لڄالٽ جو الزام لڳائي ڳوٺ جي اندر ماحول کي خراب ڪيو آهي . جنهن جي ڪري فوري طور واقعي جي جانچ ڪرائڻ لاءِ الزام هيٺ آيل ننڍي عمر جي نوجوانن ۽ عورت جو ميڊيڪل ڪرايو وڃي اصل حقيقت سامهون اچي ويندي ۽ ان عورت جي سمورن اڳ وارن الزامن ۽ تازو لڳايل الزامن جي اصل حقيقت سامهون اچڻ سان گڏ سندس ڪردار به وائکو ٿي ويندو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.