شهدادپور ۾گهوڙن جي ڊوڙ جو مقابلو

شھدادپور ( ن ع آ ) شھدادپور جي مشھور زميندار  سياسي سماجي اڳواڻ اسحاق علي وساڻ ۽  امان وساڻ طرفان 13 جون شام جو شھدادپور شھر جي ٻرھون روڊ تي   گھوڙن جي ڊوڙ جو عاليشان فيسٽيول ڪوٺايو ويو آھي جنھن ۾ سردار محمد خان جوڻيجو  سردار شير محمد حبدار علي زرداري سابق ڊي آء جي رسول بخش ساند مير  منظور پنھور نظير قائمخاني ڄام مڪن مخدوم غلام محيالدين سلام خان زرداري ۽ ٻيا گھوڙن جا شوقين پنھنجن گھوڙن سميت شرڪت ڪندا.

  • عزيز ميمڻ جا قاتل گرفتار ڪيو، حيدرآباد ۾احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) نوشهروفيروز جي شهر محرابپور ۾ شهيد ٿيل صحافي عزيز ميمڻ جا اصل قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد جي صحافين، ليکڪن، سول سوسائٽي ۽ وڪيلن جي تنظيم جرنلسٽس، رائٽرس، سول سوسائٽي فار ٽرٿ پيس اينڊ جسٽس جي سڏ تي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي.  بک هڙتالي ڪيمپ جي اڳواڻي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي، مرڪزي اڳواڻن ظفر هڪڙو، فهيم ٻٻر، نياز وگھيو ڪئي. جڏهن ته ڪئمپ تي سينيئر صحافين الطاف ڪوٽي، عرفان آرائين، وڪيل اڳواڻ ليکڪ عبدالوهاب منشي، زاهد ڪلهوڙو، سماجي اڳواڻ بوٽا امتياز، اسماعيل باريجو، فيروز ٻٻر، اورنگزيب ڀٽو، نٿو رام، مرتضيٰ نوحاڻي، نوشاد ٻگهيو، علي نواز خاصخيلي، نظر سيال، سماجي اڳواڻ حمزه علي، سهيل ڀٽو شرڪت ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته صحافي عزيز ميمڻ کي حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪرڻ جي ڏوهه ۾ بااثر ڌر قتل ڪرائي ڇڏيو. هنن چيو ته ٻن سالن کان مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود اصل قاتلن کي گرفتار ناهي ڪيو ويو. سندن چوڻ هو ته حڪومت اصل قاتلن کي بچائي صحافي عزيز ميمڻ جو قتل لوڙهڻ جي سازش ڪري رهي آهي، هنن چتاءُ ڏيندي مطالبو ڪيو ته عزيز ميمڻ جي قتل ۾ ملوث اصل قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.