جهول ۾جوا ۽ آڪڙا پرچي جو آزار، ماڻهو ڦرجڻ لڳا

جهول (ن ع آ ) جهول شهر ۾ مختلف جاين تي پوليس سرپرستي هيٺ سرعام بنا خوف جي دڪان ڪرائي تي وٺي بااثر آڪڙا پرچي جوا هلرائي رھيا  آھن جهول پوليس ڊيلي 50 هزار رپيا منٿلي وٺڻ عيوض چپ جو روزو رکي ڇڏيو انعام جي لالچ ۾ هزارين ماڻهن ڦرجڻ لڳا اهڙي ويڊيو وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ سرعام آڪڙا پرچي جوا دڪان تي ڪٽي پئي وڃي انعام جي لالچ ۾ ٻهراڙيء جي اٻوجھ ماڻهو کي ڊيلر ڦري رهيا آهن دڪان تي سوين ماڻهن آڪڙا پرچي جوا ڪٽرائيندي نظر اچي رهيا آهن جڏهن ته جهول پوليس غريب کي ڦرڻ جو ٺيڪو بااثرن کي ڏئي ڇڏيو آهي جيڪي ويڊيو ۾ ظاهر چئي رهيا آهن ڀلي ويڊيو ٺاهيو اسان کي ڪجهه ڪونه ٿيندو اسان آڪڙا پرچي جوا جي ڪٽيون ويٺا ايڏي پوليس پاران کين ڏنل اجازت آهي خوف ئي ناهي توهان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا هتان جي رهواسين آئي جي سنڌ؛ ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد؛ ايس ايس پي سانگهڙ کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته جهول شهر اندر سرعام پوليس سرپرستي هيٺ هلندڙ آڪڙا پرچي جوا بند ڪرائي تذڪرو ڪندڙ ڊيلرن کي گرفتار ڪري غريب اٻوجھ ماڻهن کي ڦرجڻ کان بچايو وڃي ۽ جهول پوليس خلاف محڪمانه ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.