غوثپور لڳ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙو، 7 ڄڻا زخمي

غوثپور ( رپورٽ عبدالغفار اوڳاهي )  غوثپور شهر جي مين بس اسٽينڊ تي ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنهن تڪرار تان جهڙو هڪ ٻئي مٿان لٺن جو وسڪارو لائي ڏنو لٺيون  لڳڻ سبب 7 ماڻهو زخمي ٿي پيا اطلاع ملڻ تي تي ايس ايڇ او عبدالعزيز سيھڙو ۽ وڏو منشي عبدالله چنو پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو ويو 4 ڄڻن گرفتار ڪري لاڪب ڪري ڇڏيو.  ٻئي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز زخمين ۾ خدا بخش محمد حسن راحب ميراڻي سميت ٻن ڌرين وچ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽر ن هجڻ ڪري ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو واقعي 2 ڄڻن جي جي حالت نازڪ هجن ڪري لاڙڪاڻي منتقل ڪيو جو ڪيس داخل ن ٿي سگهيو پوليس موجب ٻنهي ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.