موري ۾ جسقم جو کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن جي آزادي لاءِ ڌرڻو

مورو ( ت ر ) موري ۾ جسقم کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن سميت چيئرمين اسلم خيرپوري جي آزادي لاءِ اشرف لغاري، شاهنواز سنڌي، ديشي اشفاق ملڪ، شمن علي ماڇي، ساجن  ڪمار، نور سنڌي، رستم ماڇي،  وقار مھر، منظور خاصخيلي، ملوڪ کوسو، آزاد لغاري، پير اعجاز، پرويز سنڌي، منور لغاري، ذاڪر ماڇي ۽ ٻين جي ايم سيد چوڪ کان مورو پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ سان عشق ڪرڻ ڏوھ بڻجي ويو آھي، دوست علي ڀٽي، ماجد علي اوڳاھي، ايوب ڪانڌڙو، سرويچ نوحاڻي، سجاد ٻرڙو، الھه وڌايو مھر، فقير اعجاز ڳاھو، سھيل رضا ڀٽي، ظفر علي چانڊيو، امداد شاھ، محمد علي چانڊيو، فتح محمد کوسو، فيصل آرائين، مرتضيٰ جوڻيجو،  انصاف دايو، پٺاڻ خان زھراڻي سميت سوين سنڌ جا پٽ گم آھن،تازو جبري گمشدگين ۾ رڪارڊ اضافي ٿيو آھي،سندن فيمليون سڄي سنڌ ۾ سراپا احتجاج بڻيل آھن،گھرن ۾ قيامت آهي قانون،عدالتون،بيوس نظر اچي رھيون آھن،ڪير به داد رسي ڪرڻ وارو ناھي سنڌ جي پيداواري وسيلن، بندر گاھ، گئس ،ڪوئلو، زيري زمين زخيرن جي ناجائز ڦرلٽ جاري ۽ ساري آھي، سنڌ جا سياسي، معاشي،اقتصادي فيصلا پنجاب ڪري پيو، پنجاب اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيل آھي دنيا جي عالمي انساني ضميرن کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي قومي ۽ سياسي آواز تي ڌيان ڏنو وڃي ،دنيا جا عالمي ادارا،عالمي عدالتون،ايمنسٽي انٽر نيشنل، ھيومن رائيٽس،مذھب فورن نوٽيس وٺن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.