حيدرآباد ۾ سنڌو درياهه مان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد جي مهراڻ پل وٽان سنڌو درياهه مان هڪ اڻڄاتل نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي. علائقي واسين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو. جنهن بعد نسيم نگر پوليس پهچي لاش درياهه مان ڪڍرائي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منقتل ڪيو. لاش جي سڃاڻپ نه ٿيڻ ڪري مردا خاني ۾ رکرايو ويو. پوليس موجب لاش چار کان پنج ڏينهن پاڻي ۾ هئڻ سبب ڳريل حالت ۾ آهي. پوسٽ مارٽم ۽ فنگر پرنٽس لاءِ لاش سول اسپتال منتقل ڪيو هو. جنهن بعد مردا خاني ۾ رکرايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.