رتوديرو لڳ پوليس نوجوان کي گم ڪري ڇڏيو، امڙ جو احتجاج

رتوديرو ( ن ع آ )  رتوديرو جي حسن پور محلي جي رهواسڻ بيواهه پيرسن عورت اختيار خاتون زال مرحوم عبدالرسول جلباڻي پاڪ ڪتاب کڻي پٽ جي آزاديءَ لاءِ رتوديرو پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي  صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته منهنجو پٽ تنوير علي جلباڻي جيڪو ڪراچي مزدوري ڪرڻ لاءِ ويو هو جيڪو ڪراچي کان پنهنجي دوستن سان گڏ ٽرڪ ذريعي ڳوٺ پئي آيو پر دوست هن کي اوستا محمد وٺي ويا بعد ۾ ساڳي ٽرڪ تي اوسته محمد کان جيڪب آباد اچي رهيا هئا ته جيڪب آباد ڀرسان پوليس چوڪي جي اهلڪارن ٽرڪ کي روڪيو پوليس کي ڏسي ٽرڪ ۾ سوار ٻيا هن جا دوست فرار ٿي ويا پوليس ٽرڪ مان چرس هٿ ڪري منهنجي بيگناهه پٽ کي گرفتار ڪيو آهي، هن چيو ته منهنجو پٽ مزدور آهي دوستن هن سان دوکو ڪري کيس ڦاسايو آهي ڪراچي مان نڪرڻ وقت به منهنجي پٽ مون کي فون ڪيو هو ته امان مان ڳوٺ اچا ٿو پر دوست هن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي منهنجي پٽ کي بيگناهه ڦاسائي پاڻ فرار ٿي ويا آهن، ملوث ماڻهن مٿان قانوني ڪارروائي ڪري منهنجي بيگناهه گرفتار ڪيل پٽ کي آزاد ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.