رتوديرو ۾ وياجين جو آزار، ڌمڪيون، دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب پورهيت فوت

رتوديرو ( رپورٽ: طفيل ساريو ) رتيديري ۾ وياج خورن جو آزار ، وياج جي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل وڌيڪ هڪ پورهيت فوت : خبر موجب رتوديرو شهر ۾ وياج خورن جو آزار وڌي ويو آهي ڪيترائي خاندان وياجن وٽ گروي بڻيل آهن پر  ان هوندي به وياج خورن مٿان ڪير ڪو قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي رتيديري شھر جي شاھ لطيف ڪالوني جو رھواسي پورھيت قمرالدين سومرو وياج جا پئسا نه ڏئي سگھڻ تي ڊپريشن ۾ مبتلا ٿيڻ بعد دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب فوت ٿي ويو آھي . فوتي پورھيت جي پٽ طاھر سومرو ٻڌايو ته ٻه سال اڳ مجبوري ۾ منهنجي والد وياج تي 30 ھزار روپيا عبدالستار چانڊيو کان ورتا ھئا انھن مان وياج مٿان وياج لڳائي وياج خور منهنجي پيءُ مٿان 7 لک روپين تائين وياج وڌائي ڇڏيو ۽ هن والد کان جڳھ جا ڪاغذات وٺي دستاويز لکرائي ورتو وياج خور هر وقت گھر جي دروازي تي اچي گار گند ڏيڻ سان گڏ گھٽ وڌ ڳالهائيندو هيو ۽ ھو ٻيا ماڻھو ساڻ ڪري ڌمڪيون ڏيندو ھو ڪالھ شام جو به دروازي تي اچي هن گارگند ڪئي ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون جنهن  تان سندس جي والد جي دماغي رڳ ڦاٽي پئي ۽ ڪوما ۾ ھليو ويو جنھن سبب کيس ايمرجنسي ۾ لاڙڪاڻي اسپتال کڻائي آياسين پر اڄ صبح سان فوت ٿي ويو ڊي آءِ جي ، ايس ايس لاڙڪاڻو وياجي عبدالستار چانڊيو خلاف ڪارروائي ڪري خاندان کي تحفظ ڏين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.