ڪنڌ ڪوٽ لڳ ڀنگ بعد مينهون واپس نه ٿيون، احتجاج

ڪنڌ ڪوٽ ( رپورٽ: ممتازسنڌي )  ڪنڌ ڪوٽ  ڪجهھ ڏينهن اڳ بخشاپور ٿاڻي جي حد مان ھٿياربند چورن ڳوٺاڻي نورحسن بنگوار  جون 9 مينھون ھٿيارن جي زور تي ڪاھي ويا واپسي لاءِ  ڀنگ به 3 لک روپيا ورتا ويا پر نه  مال واپس مليو نه ورتل رقم واپس ٿيا،  جوابدارن ڪٿور ، سليم ، فوجلا باجڪاڻي ۽ ٻين جي مٿان چوري ۽ ڀنگ جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد به پوليس ڪا به ڪاروائي ۽ جوابدارن پاران ڪيس کان ھٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل خلاف ڳوٺاڻي پريس ڪلب پھچي ڪري حاجي مٺل خان بنگوار، نورحسن بنگوار ۽ ٻين احتجاج ڪندي ايس ايس پي امجد شيخ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسان سان انصاف ڪري چورن جي خلاف سخت ڪارروائي  عمل ۾ آڻي گرفتار ڪري ميھون واپس ڪرايون وڃن، ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.