رتوديرو ۾ هٿرادو لوڊشيدنگ، امتحان دوران بجلي بند، احتجاج

رتوديرو ( ن  ع آ )  رتيديري واسين کي سيپڪو سور ڏئي ڇڏيا ، هر وقت بجلي بند ، پيپرن دوران بجلي بند ڪرڻ خلاف شاگردن جو احتجاج : خبر موجب رتوديرو ۾ سيپڪو جي انتظاميه شهرين کي سور ڏئي ڇڏيا آهن هن قهر جي گرميءَ ۾ به هر وقت بجلي بند هجڻ سبب شهرين کي وڏي عذاب مان گذرڻو پوي ٿو 12 کان 14 ڪلاڪن جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪري سيپڪو وارن عوام لاءِ آزار ڪري ڇڏيو آهي هوڏانهن يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا امتحان هلڻ دوران به بجلي بند رهي ٿي جنهن سبب شاگردن پاران رتوديرو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي مظاهرو ڪندڙ شاگردن اورنگزيب علي ملڪ ، محمد فهد بروهي ، علي رضا ملڪ ، وقار ڪوريجو ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته هونءَ ته شهر ۾ هٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪري ماڻهن کي پريشان ڪيو پيو وڃي پر هاڻي اسان جا يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن جا پيپر هلي رهيا آهن ان دوران به ڪلاڪن جا ڪلاڪ هٿ وٺي لوڊ شيڊنگ ڪئي پئي وڃي هنن چيو ته پيپرن دوران بجلي بند هجڻ ڪري اسان کي سخت پريشانين سان منهن ڏيڻو پوي ٿو سخت گرمي هجڻ ڪري پگهر ۾ شل ٿي وڃون ٿا پگهر سبب اسان جون اينسر ڪاپيون پڻ خراب ٿي وڃن ٿيون هنن چيو ته اسان پيپر ڪريون يا گرمي سان منهن ڏيون احتجاج ڪندڙ شاگردن سيپڪو اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته پيپرن دوران بجلي جي هٿرادو لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي وڃي ته جيئن شاگرد سڪون سان پنهنجا پيپر ڏئي سگھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.