شهداد ڪوٽ ۾ پهريون ڀيرو ڪاري رنگ جي چانورن جو فصل

شھدادڪوٽ ( رپورٽ: ثمر رفيق ڀٽي ) پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو ڪاري رنگ جي چانورن جو فصل پوکيو ويو آهي، شھدادڪوٽ جي آبادگار  جنيد جروار پنهنجي زرعي فارم ۾ ڪاري رنگ جي چانورن جو فصل پوکي زراعت جي دنيا ۾ انقلابي تبديلي آڻي ڇڏي آهي، ھن دعوىٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ پھريون ڀيرو ڪاري رنگ جي چانورن جو فصل ھن ئي پوکيو آهي. جڏهن ته اھو فصل  چين، ٿائيلينڊ، فلپائين، انڊونيشيا۽ڀارت ۾ پوکيو ٿو وڃي، جتان جا آبادگار سٺو ناڻو ٿا ڪمائن ھن چيو ته جديد سائنس مطابق ڪاري رنگ جي چانورن ۾ اينٽي آڪسيڊنٽس سميت انساني صحت جي فائدي وارا ٻيا جزا وڏي مقدار ۾ موجود آهن,جنهن ڪري پوري دنيا ۾ ڪاري رنگ جي چانورن جو استمعال ٿي رھيو آهي جڏهن ته عام چانورن جي ڀيٽ ۾ ھي چانور تمام گهڻو مھانگو آهي,صحافين جي وفد سان ڳالھائيندي ھن وڌيڪ چيو ته ھن پھريون ڀيرو ڪاري رنگ جي چانورن جو فصل پوکيو آهي وڌيڪ ڏسجي ته اپت ڪيتري ٿو ڏي,ھوڏانھن شھدادڪوٽ ۾ ڪاري رنگ جي چانورن واري پوکيل فصل کي ڏسڻ لاءِ  روزانو مختلف علائقن جا آبادگار اچي رھيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.