مالي سال 22-2021 جو اقتصادي جائزو

تحرير: سيد مجتبيٰ رضوان

رٿابندي واري وزير احسن اقبال ۽ خرم دستگير سان گڏ اسلام آباد ۾ اقتصادي سروي پيش ڪندي  ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو ته پاڪستان جو مسئلو بدقسمتي سان اهو آهي  ته  اسان ترقي ڪندا آهيون ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ ڦاسي پوندا آهيون.هن هلندڙ سال ۾ مجموعي ملڪي پيداوار جي ترقي جي شرح 5.97 سيڪڙو رهي ، ان نئين ڪاٿي سان ڪرنٽ اڪائونٽ جسارو گهڻو وڌي ويو ۽ ادائيگين جي توازن جو بحران پيدا ٿي ويو آهي،هن چيو ته هلندڙ سال  اسان جون درآمدات 76 ارب کان 77 ارب ڊالرن جي وچ ۾ هونديون، جيڪي  تاريخي ۽ جي ڊي پي جي تناسب جي لحاظ کان به سڀ کان وڌيڪ آهن. برآمدات ۾ به اضافو ٿيو آهي پر رڳو 28 سيڪڙو، واپار جو خسارو 45 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي.

مفتاح اسماعيل چيو ته هڪ وقت هو جڏهن پاڪستان جي برآمد، درآمد جي مقابلي ۾ اڌ ٿي چڪي هئي، جيڪا هاڻي رڳو 40 سيڪڙو ٿي وئي آهي، اها جوڳي ڳالهه اها آهي ته اسان صرف 40 سيڪڙو درآمدات برآمدات مان ادا ڪري سگهون ٿا، 60 سيڪڙو لاءِ اسان کي ٻاهران ايندڙ ناڻي ۽ قرض تي  ڀاڙڻو پوندو آهي، جنهن سبب اسان کي هر بار ادائيگين جي توازن جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي،هن چيو ته ڪووڊ 19 جي دوران جڏهن دنيا ۾ واپار گهٽيو ،پيٽروليم شيون ،گئس سستيون ٿيون هيون ان دوران ادائيگين ۾ توازن اچي ويو هو.پر پوءِ جيئن ساڳيو فارمولو اختيار ڪيو ويو ته ادائيگين جو توازن بگڙي ويو، ناڻي واري وزير چيو ته هڪ ڊگهي عرصي کان پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 10 ارب ڊالرن مان گهٽجي 9.6 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن، ايندڙ سومر تائين چين کان 2 ارب 40 ڪروڙ ڊالر ملڻ  بعد ٻيهر اهي  12 ارب ڊالرن جي سطح تي اچي ويندا.هن چيو ته پاڪستان جي اقتصادي رخ  کي سڌارڻ جي ضرورت آهي، تيل جي قيمت عالمي منڊي ۾ گهڻو وڌي چڪي آهي جنهن سبب اسان کي به 30، 30 رپيا اگهه وڌائڻا پيا، هن وڌيڪ چيو ته اسان کي ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا، ملڪ ڏيوالپڻي ڏانهن پئي ويو هاڻي اسان ان رستي تان هٽي ويا آهيون ،هاڻي مستحڪم ترقي ڏانهن وڃي رهيا آهيون.هن چيو ته اسان جي اوسر جا  ٻه پهلو آهن. هڪڙو مستحڪم آهي جنهن ۾ هر ڀيري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ ادائيگين جو توازن خراب نه پيو ٿئي.مفتاح اسماعيل چيو ته هلندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي جي واڌ جي شرح 5.97 سيڪڙو هئي پر هميشه وانگر هن  ڀيري ٻيهر ڪرنٽ اڪائونٽ خساري سبب ادائيگين جي توازن جو مسئلو پيدا ٿيو،

هن چيو ته اسان غلط هي ڪريون ٿا ته  سيڙپڪار طبقن کي واپار ڪرڻ لاءِ رعايتون ڏيندا آهن پر نتيجو اهو نڪرندو آهي ته جڏهن امير ماڻهو  صنعتون لڳائيندا آهن ۽ رعايتون حاصل ڪندا آهن ته درآمدات تمام گهڻي وڌي ويندي  آهي، هن چيو ته جيڪڏهن جامع اوسر  ٿيندي  ته غريب ۽ وچولي ڪلاس جي خريد ڪرڻ جي قوت وڌندي.ان سان مقامي ۽ زرعي پيداوار  وڌندي، پر ان سان درآمدي بل نه وڌندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن امير طبقو خرچ ڪري ٿو  ته انهن ۾  درآمدي سامان گهڻو هوندو آهي، جڏهن ته غريب اٽو، دال وغيره جهڙين شين تي خرچ ڪري ٿو.

موجوده حڪومت پاران آئيني مدو پورو ڪرڻ جو حتمي فيصلو اميد جوڳو آهي، ان سان سياسي بي يقيني  ختم ٿيندي.نئين اتحادي حڪومت عوامي رد عمل جي خوف سبب ڏکين فيصلن ڪرڻ بابت ٻڏتر جو شڪار هئي.ڇاڪاڻ جو ان سان سياسي حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي  منفي اثر  پوي ها.اها صورتحال  معيشت جي مسلسل زوال جو سبب بڻيل رهي،حڪومت لاءِ هڪ طريقو اهو هو ته اسيمبليون ٽوڙي نگران حڪومت کي معاملا سونپيا وڃن  ان صورت ۾ موجوده حڪومت تيل، بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۽ ٽيرفن ۾ واڌ، غير ضروري درآمدات تي پابندي ۽ ٻين ڏکين فيصلن جي ذميواري کان بچي پئي سگهي پر نتيجي ۾ ملڪ جا مسئلا  وڌيڪ پيچيده ٿي وڃن ها.

انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) نگران حڪومت سان ڊيل ڪرڻ کان لهرائي  ها ته معيشت جو مڪمل زوال  يقيني هجي ها. اهڙين حالتن ۾ محب وطن سياسي  اتحادي حڪومت  ڏکين فيصلن جي ذميواري قبول ڪري معيشيت کي سڌي رستي تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو.

ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل  موجب  صنعتي ترقي 6.6 سيڪڙو، سروسز جي ترقي 4.7 سيڪڙو ۽ مهانگائي 11.3 سيڪڙو رهي،ملڪ کي مستحڪم معاشي ترقي جي ضرورت آهي، برآمدات لاءِ صنعتون لڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، انهن صنعتن کي گئس فراهم ڪئي پئي وڃي گذريل حڪومت توانائي جي لاءِ ڊگهي مدي  جا سودا ڪري ها ته مهانگائي نه ٿئي ها،

گذريل مالي سال ۾ مهانگائي 11.3 سيڪڙو رهي، گذريل سال ڪپهه جي پيداوار سڀ کان گهٽ هئي، عالمي سطح تي پيٽروليم شين جا اگهه وڌي رهيا آهن، عمران خان وڃڻ کان اڳ پيٽرول ۽ ڊيزل سستو ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ ته عالمي قيمتن ۾ واڌ سبب پيٽرول ۽ ڊيزل ٻه ڀيرا مهانگو ٿي ويو آهي،

اسان کي 60 سيڪڙو قرض تي ڀاڙڻو پوندو آهي.هن چيو ته واپاري خسارو 45 سيڪڙو تائين پهچي ويو آهي، هن چيو ته غريب کي رعايت ڏيڻ سان گروٿ ، مستحڪم ٿيندي . حڪومت ڪو به ڊگهي مدي وارو سودو  نه ڪري رهي آهي.ڪجهه ڏينهن ۾ چين مان 2.4 ارب ڊالر  ملندا، ناڻي واري وزير چيو ته جيڪڏهن اڳوڻي حڪومت ڪوڙ کان پاسو ڪري ها ته شايد  ايتري مهانگائي نه اچي ها، شيخ رشيد پاڻ چئي چڪو آهي ته خان صاحب بارودي سرنگون وڇايون هيون .اهي ڪنهن سياسي پارٽي لاءِ نه پر پاڪستان لاءِ هيون، هن چيو ته ملڪ ۾ 80 سيڪڙو صنعتون امپورٽ ۽ لوڪل سيلز لاءِ آهن، ايڪسپورٽ لاءِ نه، ان ڪري ڪوشش ڪئي ويندي ته هاڻ ايڪسپورٽ لاءِ وڌيڪ صنعتون لڳايون وڃن.

مفتاح اسماعيل چيو ته جڏهن کان توانائي مهانگي ٿي آهي اسان جون صنعتون مقابلي کان ٻاهر آهن ۽ توانائي جي فراهمي جي کوٽ سبب بند ٿي وڃن ٿيون.هن چيو ته گذريل ڊسمبر ۾ حڪومت صنعتن کي اڌ گيس ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾ فيبروري ۾  گهٽتائي ڪئي وئي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هاڻي اسان هر صنعت کي گئس ڏئي رهيا آهيون پر جيڪڏهن گذريل حڪومت توانائي بابت  اهڙا فيصلا ۽ ڪم ڪري ها  جيئن ن ليگ جي گذريل دور ۾ ٿيا هئا ته اڄ پيٽرول جي قيمتن ۾گهٽتائي هجي ها.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.