آءِ ايم ايف آخر ڪهڙي بلا آهي!

تحرير: نذير سومرو

اسان جي ملڪ ۾ اڄ ٻار ٻار آءِ ايم ايف جو ذڪر ڪري ٿو، هر جڳهه تي اهو نالو هر زبان تي آهي پر ڪيترن کي خبر ڪونهي ته هيءَ  آخر آهي ڪهڙي بلا ۽ ڪيئن ڪم ڪري ٿي.

ڳالهه ڪجهه ڊگهي آهي، ڳالهه آدجڳاد کان وٺي شروع ٿئي ٿي. غلامي هڪ اهڙو طوق آهي جيڪو انسان ذات جي ڳچيءَ  ۾ پيل آهي. غور سان ڏسجي ته انساني تاريخ غلاميءَ  کي قائم رکڻ ۽ غلاميءَ  کان نڪرڻ لاءِ  هڪ ويڙهه جي تاريخ رهندي پيئي اچي. غلام اهو ڳٽ لاهي ڦٽي ڪرڻ لاءِ  وڙهي ٿو آقا وري اهو ڳٽ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ  ڪوششون پيو ڪري. ان ويڙهه کي هزارها سال ٿي ويا آهن پر جاري آهي. غلام وٽ ڪچا ذهن آهن تعليم ان کان کسجي ويل آهي. ٻئي پاسي آقا وٽ هزارها سالن جو تجربو آهي تعليم ان جي ٻانهي بڻيل آهي جنهن جي بنياد تي هو اهڙو وايومنڊل ٺاهيو ويٺو آهي جنهن جو آخري نتيجو ان جي حق ۾ اچي ٿو. ها هڪ ڪاميابي غلام کي ضرور ملي آهي ته ان جي جدوجهد سان غلامي روزانو شڪليون پيئي بدلائي جنهن لاءِ  هن کي وڏن مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو. بس! آءِ ايم ايف غلاميءَ  جو هڪ نئون ڳٽ/نئين شڪل آهي.

جڏهن ٻي جنگ عظيم ختم ٿي ته بيٺڪيت کي نئين شڪل ڏيڻ لاءِ  نوان ملڪ جوڙيا ويا جن کي گهڻو ڪري اهڙي بيهڪ ڏني ويئي جو هو سدا لاءِ  ”ويڙهه/جنگ“ لاءِ  تيار رهن يعني انهن کي ٺاهيو ئي ويڙهه لاءِ  ويو. ٻين لفظن ۾ اهي نالي ماتر آزاد ٿيا. سڌي غلاميءَ  مان نڪري اڻ سڌي غلاميءَ  ۾ آيا  جنهن لاءِ  بظاهر ته خوشيون ملهايون ويون پر نچي نچي جڏهن انهن قومن پنهنجي پيرن ڏانهن ڏٺو ته هنن جي اکين مان ڳوڙها نڪري آيا جيئن مور پکيءَ  لاءِ  چيو ويندو آهي ته هو پنهنجي سونهن تي ناز ڪندي نچندو آهي ۽ جڏهن پنهنجا بي زيبا پير ڏسندو آهي ته روئي پوندو آهي.

ٻئي پاسي وري انهن قومن لاءِ  هڪ ڪوڙڪي اڏي ويئي جنهن کي عرف عام ۾ آءِ ايم ايف چيو ويندو آهي جنهن جو ڪم آهي ملڪن کي قرض ڏيڻ. قرض ڏيڻ وٺڻ روز جو ڪم آهي ۽ اهڙو ڪڌو ڪم به ڪونهي پر قرض ڏيڻ جي لاءِ  جيڪو ماحول جوڙيو ويو آهي ان کي درياهه جو ڪُن ڪوٺجي ته غلط نه ٿيندو يعني جيڪو ملڪ هنن وٽ ويو اهو ان ٻيڙيءَ  وانگر پيو ڪن ۾ ڦرندو ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي جيسين هو تباهه نه ٿئي.

هڪ ننڍڙي سمجهاڻيءَ  طور، اسان جي ڳوٺن ۾ وياج ڏيندڙ قهاري ماڻهو موجود رهندڙ آهن جن کي وري تر جي وڏيري جي هُشي حاصل هوندي آهي. اهي قهاري جوا جي اڏي تي اچي ويهندا آهن ۽ هر هارائيندڙ کي موقعي تي قرض فراهم ڪندا آهن ان سان تمام ڪڙا شرط ڳالهائيندا آهن جيئن ته هارائڻ کان پوءِ  رقم وري کٽڻ لاءِ  هو ”حد کان وڌيڪ“ جذباتي هوندو آهي ان ڪري ان کي خبر ڪونه پوندي آهي ته هو ڪهڙا شرط منظور ڪري چڪو آهي. ان کي خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن هو ان ننڍڙي قرض عيوض پنهنجو الهه تلهه وڃائي چڪو هوندو آهي. بلڪل ان وانگر آءِ ايم ايف قرض ڏيندي آهي ۽ ڪڙا شرط رکندي ويندي آهي ۽ وٺندڙ ملڪ جا ڪرپٽ حڪمران ڪميشن جي لالچ ۾ ويندا آهن اکيون ٻوٽي صحيحون ڪندا.

هن قهاري وياجي وٽ اسان جو ملڪ اوڻويهه سو اٺونجاهه ۾ پهريون ڀيرو ”بيل آئوٽ“ لاءِ  ويو. (بيل آئوٽ جو مطلب سولي سنڌي ۾ هيئن سمجهجي ته ڪنهن ماڻهوءَ/ملڪ کي ڪي اهڙا قرض واپس ڪرڻا هجن (اندروني يعني پنهنجي ملڪ جي بئنڪن کان ورتل يا ٻاهريان قرض) اهو گهڻن ماڻهن جي قرضي ٿيڻ کان بهتر سمجهي ته هڪ ماڻهوءَ کان قرض وٺي سڀني جو قرض لاهي. مثال ويهه روپيا هڪ جو قرض، ڏهه روپيا ٻئي جو قرض، پنج روپيا ٽئين جو قرض ان کان پنجٽيهه روپيا هڪ ماڻهوءَ کان قرض کڻي ان جو قرضي ٿجي ته بهتر. ان لاءِ  حڪمران ايوب خان اهو قرض ورتو جنهن ۾ هر ايندڙ حڪمران اضافو ڪيو آهي. اهو اضافو سڌو ورتل قرضن جو ڪونهي پر ان ۾ قرض مٿان وياج به قرض ۾ شامل ٿيندو رهيو آهي. مثال طور ڪنهن ماڻهوءَ جو ڪنهن ڏانهن قرض هو هڪ لک ۽ مٿان وياج پنج هزار. هن ماڻهوءَ ان کي چيو مون کي ڏهه هزار ٻيو قرض ڏي ان منجهان پنج هزار پنهنجي وياج جا کڻ ۽ پنج مون کي ڏي. هاڻي قرض وڌي هڪ لک ڏهه هزار ٿي ويو يعني هاڻي وياج وري هڪ لک ڏهه هزار تي ڏيڻو پوندو ائين هر سال ڇهين مهيني ٿيندو آيو جيڪو هاڻي ان جاءِ تي پهتو آهي جو تصور ڪري به هانءُ ڏريو پوي.

هاڻي وري ان کان وڌيڪ هانءُ ڏاريندڙ ڳالهه ٻڌو. اِها ته آءِ ايم ايف يا قرض ڏيندڙ ڪو ٻيو ادارو/ماڻهو پنهنجي قرض کي محفوظ رکڻ لاءِ  قرضيءَ  مٿان نظر رکندو آهي ته ڪٿي سندس ڏنل پيسا ٻڏي ته نه ويندا تنهنڪري اهو ڪوشش ڪندو ته پاڻ ان جي ملڪ وڃي ويهي يا پنهنجو ڪو نمائندو اتي ويهاري بلڪل ائين جيئن ڪا بئنڪ رائيس/فلور/ڪاٽن مل کي قرض ڏيندي آهي ته ان مل تي پنهنجو نمائندو ويهاريندي آهي ته متان مل جو مالڪ مل منجهان مال ڪڍي وڪڻي ڇڏي. اوهان اسان کي ياد هوندو ته ڪيتري وقت کان وٺي اسان جا وزير خزانه (خزاني بابت سموري اندروني ڄاڻ رکندڙ) اتان ئي ايندا آهن جيڪي اسان جي اندروني حالتن جي پل پل جي خبر انهن کي ڏيندا رهندا آهن. اوهان اسان ٽي وي تي اها ڳالهه هاڻي وڏي واڪي ٻڌندا رهون ٿا ته آءِ ايم ايف جي شرط مطابق پيٽرول، گيس، بجلي وڌائڻي آهي پگهارن ۾ اضافو ڪرڻ جي ان منع ڪئي آهي.

لڳي ٿو ته پڙهندڙ دوستن جي اندر ۾ اٿندڙ هن سوال ته آخر هن بيماريءَ  مان ڪڏهن جان ڇٽندي يا نه، جو جواب ”ڪڏهن به نه“ جي صورت ۾ ملي چڪو هوندو.

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.