آمريڪي ڇوڪريءَ، داعش لاءِ عورتون ڀرتي ڪري ويڙهه جي سکيا ڏني

تحرير: پرڏيهي واءُ سواءُ

ايليسن فلاڪ ايڪرين هڪ  هڪ آمريڪي عورت آهي، جنهن  عدالت ۾ اهو تسليم ڪيو آهي ته هن

داعش جهڙي انتها پسند تنظيم جي لاءِ عورتن جي هڪ بٽالين کي ويڙهه جي تربيت ڏني ۽ ان جي قيادت به ڪئي .

هن آمريڪي سرزمين تي حملن جي سازش جو به اعتراف ڪيو آهي.هن ا سلامڪ اسٽيٽ کي سهولت فراهم ڪرڻ  جو ڏوهه به  قبول ڪيو آهي.هوءَ هن وقت ڪيترن ئي ٻارن جي ماءُ آهي ۽ عدالت ۾ روئي رهي هئي هن جي ٻارن به ساڻس ملڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هن پنهنجي ملڪ ۽ خاندان سان بي وفائي ڪئي آهي ..هوءَ هڪ ماءُ  ۽ هڪ استاد پڻ هئي جيڪا 2011 ۾ شام ۽ لبيا ۾ ويڙهاڪ گروپ سان ڪم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ڇڏي وئي.ٻائتاليهه سالن جي عمر جي  فلاڪ اڪرين انتها پسند گروپ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ شام جو سفر ڪيو هو پر ان کان اڳ هوءَ  مصر ۽ ترڪي  به گهمي آئي  هئي.سندس ڏوهه قبولڻ بعد هن کي 20 سالن قيد جي سزا ملي سگهي ٿي.

عدالت ان ڪيس جو فيصلو  آڪٽوبر ۾ ڪندي.هن تي ورجينيا رياست  جي عدالت ۾ ڪيس هلندڙ آهي، ايليسن فلاڪ  عدالت ۾ قبول ڪيو ته هن عورتن جي هڪ گروپ کي تربيت ڏني هئي. پر هن دعويٰ ڪئي ته هن ڪڏهن به ڪنهن ٻار کي تنظيم ۾ ڀرتي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي. ميڊيا رپورٽ موجب ايليسن جو سندس ساٿي عورتن کي چوڻ هو ته آمريڪا ۾ حملي دوران جيڪڏهن ٿورا ماڻهون نشانو بڻجندا ته اهو وسيلن جو زيان هوندو جنهن ڪري هن جي ڪوشش هئي ته ڪنهن يونيورسٽي يا وري شاپنگ مال کي نشانو بڻائن گهرجي.

ايليسن فلاڪ جو تعلق آمريڪي رياست ڪنساس سان آهي، پنهنجي تعليم دوران انتهائي حساس ۽ وڏين اکين هئڻ ڪري هو سهڻي ڇوڪري طور مشهور هوندي هئي هو ڪنهن جيت جڻي جو ساهه ڪڍڻ به غلط عمل سمجهندي هئي پر پوءِ هو اوچتو اهڙي انتها تنظيم جو  حصو ٿي ويئي جنهن سموري دنيا ۾ تباهي جو ارادو ڪري رکيو هو.

هن بابت ميڊيا جي گڏ ڪيل رپورٽن موجب هو 2000 جي ڏهاڪي جي آخر ۾ وچ اوڀر ۾ پنهنجي ان وقت جي مڙس ۽ ٻارن سان گڏ وقت گذاريو، ۽ گڏوگڏ ڪنساس جو دورو به ڪندي رهندي هئي..هوءَ 2008 ۾ هڪ استاد طور ڪنساس رياست ۾ ڪم ڪندي هئي.هن تي آمريڪي اهلڪارن الزام هنيو ته ايليسن 2011 ۾ لبيا ڀڄي وئي، جتان هوءَ ۽ سندس مڙس 2012 ۾ انساني اسمگلرن جي مدد سان شام پهتا.

ايليسن جي مڙس تي اسلامي رياست انتهاپسند گروپ جي ميمبر هجڻ جو الزام به آهي جيڪو ان تنظيم سان هڪ ماهر نشاني باز طور ڪم ڪندو هو.بعد ۾ هڪ حوائي حملي ۾ مارجي ويو .

هن جي مڙس جي موت کان پوءِ ، ايليسن هڪ بنگلاديشي شهري سان شادي ڪئي  جيڪو به  داعش جي  ويڙهاڪ گروپ سان ڪم ڪندو  هو. هن جو ٻيو مڙس پڻ 2016 يا 2017 جي شروعات ۾ فوت ٿي ويو. ايليسن ٽين شادي ويڙهاڪ گروپ جي هڪ سينئر ڪمانڊر سان ڪئي جيڪو   شام ۾ گروپ جي راڄڌاني، رقا جي حفاظت لاءِ ذميدار هو..2017ع ۾رقا شهر تي  داعش مخالف گروپ ِ قبضو ڪيو۽داعش کي شڪست نصيب ٿي.

آمريڪي انصاف واري کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايليسن کي 2017 ۾ شام ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ ايف بي آءِ حوالي ڪيو ويو.ايليسن ڪيترن ئي ٻين نالن سان پڻ مشهور هئي، جن ۾ ام محمد الامريڪي، ام محمد ۽ ام جبرائيل شامل آهن.

آمريڪي اختيارين موجب ايليسن 2014ع کان شام۾ داعش  لاءِ ڪم ڪري رهي هئي.۽ آمريڪي ڪاليجن جي ڪيمپس تي حملن جي منصوبابندي ڪري رهيو هو.

چيو ٿو وڃي ته  ايليسن عورتن ۽ ٻارن کي  ڪلاشنڪوف هلائڻ بابت به سکيا ڏيندي هئي.ته وري  دستي بم ۽ خودڪش حملا ڪرڻ بابت به ٽريننگ ڏني هئي جنهن جون شاهديون به موجود آهن.هن آمريڪي عورت جي بابت ڪيس هلندڙ آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.