افغانين جي واپسي کانسواءِ آپريشن رد الفساد تي اطمينان جو اظهار؟

تحرير: سجاد ٻرڙو

ٽي ڏينهن پهريان سيڪيورٽي ادارن جي ترجمان اداري پاران هڪ پريس بيان جاري ڪيو ويو، جنهن مطابق ان ڏينهن ٿيل ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ آپريشن رد الفساد سميت ملڪ جي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺندي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو هو. ٿي سگهي ٿو ته صورتحال واقعي اطمينان جوڳي ئي هجي، جيئن پريس بيان ۾ ڄاڻايو ويو، يا اهو به ٿي سگهي ٿو ته اهو پريس بيان "مثبت خبرن” جي سلسلي جي هڪ ڪڙي هجي ۽ حقيقت ڪا ٻي هجي.

جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهھ "مثبت خبرن” جي سلسلي جي هڪ ڪڙي هئو ته پوءِ ته خير جهڙي ڳالھه آھي، پر جيڪڏهن واقعي مقتدر حلقن جي نظر ۾ حالتون اطمينان جوڳيون آهن ته پوءِ ڪجھه اهم مامرن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي ته حالتون ڪنهن به صورت ۾ اطمينان جوڳيون ناهن.

ڇاڪاڻ ته هڪ طرف ملڪ جي ڏيوالي ٿيڻ وارو مامرو اڃا تائين جيئن جو تيئن آهي ۽ ان حوالي سان حالتون ويتر خراب ٿينديون پيون وڃن ته ٻئي طرف جنهن خاص مقصد تحت آپريشن رد الفساد شروع ڪيو ويو هو ته دهشتگردي کي پاڙئون پٽيو ويندو، ان لحاظ کان به ڪافي کوٽ نظر اچي رهي آهي، معاشي خراب صورتحال سان منهن ڏيڻ جيئن ته وفاقي سرڪار جي ذميواري آهي، تنهن ڪري ان کي ڇڏيندي آپريشن رد الفساد جو مٿاڇرو جائزو وٺڻ منجهان ئي خبر پوي ٿي ته اڃا "دهلي گهڻو پري آهي".

آپريشن رد الفساد جنهن جي شروعات 2017ع ۾ سيوهڻ بم ڌماڪي کان بعد ڪئي وئي هئي، ان کي هاڻي پنج سال ۽ 3 مهينا ٿي چڪا آهن پر ان آپريشن جي حوالي سان ان وقت جي "ترجمان” جي هدايتن تحت اڄ تائين صرف ۽ صرف "مثبت خبرون” ئي جاري ٿيون آهن، جڏهن ته منفي پاسن تي نظر وجھڻ کان سڀني سدائين "پرهيز” ئي ڪئي آهي.

ڪنهن سياڻي جو قول آهي ته پنهنجي غلطين جو پاڻ جائزو وٺي انهن کان پاند آجو ڪرايو، ٻي صورت ۾ دشمن انهن غلطين جو فائدو وٺي اوهان کي ان مقام تائين پهچائي ڇڏيندو، جتان اوهان کي واپسي جو ڪو گس ئي نه ملندو سو هتي هڪ اهم ترين غلطي افغانستان اندر پرائي ويڙھ ۾ شامل ٿيڻ ۽ پوءِ اتان جي "ڀاڄوڪڙن” کي پناھ ڏيڻ هئي.

پهريان اسي واري ڏهاڪي دوران ايئن ڪيو ويو، جڏهن افغانستان اندر انسانيت پسندن جي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ عالمي طاقت کي پنهنجا ڪلها استعمال ڪرڻ ڏنا ويا ۽ ميڊيا رپورٽن موجب ان وقت پاڪستان ڏانهن 33 لک جڏهن ته ايران ڏانهن 20 لک افغاني مهاجرن لڏ پلاڻ ڪئي هئي، جن کي ايران ۾ ته باقائده رجسٽر ڪري کين ڪيمپن تائين محدود ۽ شهرن کان ٻاهر رکيو ويو هو پر پاڪستان اندر اهڙي ڪا به شئي ڏسڻ ۾ نه آئي هئي، جنهن جو نتيجو اڳتي هلي هي نڪتو ته هڪ رپورٽ موجب صرف سال 2007ع ۾ 352 افغاني مهاجرن کي جعلي پاڪستاني پاسپورٽ تي سعودي عرب جو سفر ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته 2012ع ۾ اهو انگ اڍائي سئو هيو ۽ 2013ع ۾ 218 افغاني مهاجر جعلي پاسپورٽ تي سعودي عرب جي سفر ڪرڻ جي ڏوھ هيٺ گرفتار ٿيا هئا، اهو سڀ ڪجهھ ٻي حڪومت ڪيو پر پاڪستاني حڪومت ان حوالي سان سان ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ته ڪيئن جعلي پاسپورٽ ٺهيا ۽ ڪيئن ماڻهو پاڪستاني پاسپورٽ جي عزت کي نيلام ڪرڻ جو سبب بڻيا (۽ اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي) ان جو هڪ مطلب اهو به نڪري ٿو ته اسان جي ادارن جي ڪرپشن ۽ نا اهليءَ سبب ٻيا به پرڏيهي وڏي انگ ۾ پاڪستاني پاسپورٽ تي ملازمتون ۽ ڪاروبار ڪن ٿا.

وري جڏهن سال 2001ع ۾ نائن اليون واري واقعي کان پوءِ عالمي منظر نامو تبديل ٿئي ٿو ۽ انتها پسندن جي حڪومت کي ساڳئي عالمي طاقت  پنهنجي لاءِ خطرو سمجهيو ته ان کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي مقتدر حلقن "جي حضور” چئي اهو سڀ ڪجھه به ڪيو جنهن جو مطالبو به نه ڪيو ويو هو ۽ اهڙي ريت پاڪستان کي باھ جي آڙاھ ۾ ڦٽو ڪيو ويو ۽ ان وقت پڻ لکن جي تعداد ۾ افغاني ڪٽڪ پاڪستان اندر داخل ٿيا ۽ ان کان بعد ئي هتان جون حالتون ايتري قدر بگڙيون جو ملڪي ادارن کي ڪنهن وقت آپريشن "ضربِ عضب” ته ڪنهن وقت آپريشن رد الفساد” شروع ڪرڻ جي ضرورت پئجي وئي!

آپريشن” ضرب عضب ” تي هڪ ئي سٽ ۾ تبصرو ڪري سگهجي ٿو ته رياستي ادارن ان آپريشن کي” مڪمل ريت ڪامياب” نه سمجهيو هوندو تڏهن ئي آپريشن” رد الفساد” شروع ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي!.

هاڻي ڏٺو وڃي ته هن وقت جهڙيءَ ريت آپريشن” رد الفساد” تي اطمينان جو اظهار ڪيو پيو وڃي، حقيقت ۾ ان جي شروعات واقعي بهترين هئي ۽ سپريم ڪورٽ جي هڪ فيصلي تحت دهشتگردي ۽ بد امني جي ذميوار مختلف پرڏيهين سميت خاص طور تي افغانين خلاف وانا ۽ وزيرستان سان گڏ پوري ڪي پي ڪي صوبي اندر زبردست ڪارروائيون ڪيون ويون هيون، جن ۾ نه صرف دهشتگردن سان مقابلن بابت خبرون پڙهڻ لاءِ مليون پر ان سان گڏ هڪ اهم ترين اڳڀرائي اها پڻ ڏسڻ ۾ آئي هئي ته ڪي پي ڪي جي باشعور ۽ محب وطن ماڻهن سمورن افغانين کي پنهنجي "جرڳائي سرشتي” ۾ گهرائي کين علائقا خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو هو ۽ هنن ان ۾ ڪاميابي پڻ ماڻي هئي جڏھن ته اهڙي ئي قسم جا اُپاءَ پنجاب ۾ پڻ ورتا ويا هئا ۽ افغانين کي گهر يا ٻي ملڪيت خريدڻ ته ڇا پر انهن جي رهائش ۽ ڪاروبار بابت پڻ پابنديون لڳايون ويون هيون پر ان سڄي مامري ۾ هڪ اهم ترين ڳالھه سڀني کان الائي ڇو "نظر انداز” ٿي وئي ته جن جا رستا ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ بند ڪيا پيا وڃن اهي سڀ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ڏانهن روانا ٿيندا ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جهڙي وطن دوست حڪومت نه آهي ، جيڪا پنهنجي ڌرتيءَ ۽ پنهنجي ماڻهن جي مفادن جو خيال رکي سگهي ۽ اهڙي نموني منشيات، هٿيارن ۽ ڪرنسي جي اسمگلنگ ذريعي بي پناھ ناڻو ڪمائيندڙن منجهان جيڪي هتي پهريان کان اختيارن ۾ حصيدار بڻيل هئا انهن پنهنجي ماڻهن کي ڪراچي سميت سنڌ جي هر شهر اندر آباد ٿيڻ لاءِ هر سهولت ڏني (ان جو هڪ ڏيک جعلي ڊوميسائيلن ذريعي سنڌ جي مختلف کاتن ۾ نوڪرين واري مامري منجهان پڻ ڏسڻ لاءِ ملي ٿو)

هتي اهو به چئي سگهجي ٿو ته ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ افغاني مهاجرن خلاف مثبت اڳڀرايون ڪندڙن جي رضامندي سان ئي انهن ٻنهي صوبن منجهان تڙيل لوڌ کي سنڌ اندر آباد ڪيو ويو، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته سنڌ سرڪار ڪا رياست کان مٿانهين نه آهي جو ٻن صوبن جي ڌڪاريلن کي پنهنجي دم تي سنڌ اندر آباد ڪري سگهي ها.

اهي افغاني مهاجر جيڪي ڪنهن وقت ڪي پي ڪي اندر ايتري انگ ۾ هوندا هئا جو پرڏيهي صحافين جي چوڻ موجب کين ايئن لڳندو هو ڄڻ ته هو افغانستان جي ڪنهن شهر ۾ گهمندا هجن، هڪ رپورٽ موجب 1988ع دوران صرف پشاور شهر جي اٺيتاليهھ سيڪڙو ٽرانسپورٽ تي افغانين جو قبضو هو ۽ نومبر 1988ع ۾ اميريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز صرف پشاور ۽ ان جي آس پاس ٻهراڙين وارن علائقن ۾ ڏھ لک جي لڳ ڀڳ افغاني رهندا هئا ۽ ان دوران هڪ اهم نڪتو هي به سامهون آيو ته پاڪستان آيل 33 لک افغانين منجهان 81 سيڪڙو نسلي طور پشتون هئا جڏهن ته 7 سيڪڙو تاجڪ، 3 سيڪڙو ازبڪ، 2 سيڪڙو هزاره ۽ 3 سيڪڙو ترڪماني نسل جا هئا( اهي غير پشتون وري اڄ ڪلهھ پنهنجي "حقن” لاءِ اسلام آباد ۾ لڏو لاهيون ويٺا آهن، جن لاءِ پڻ پڪو امڪان آهي ته کين ڪراچي اماڻيو ويندو) انهن کي هڪ زبان ۽ هڪ ثقافت هئڻ باوجود صوبي بدر ڪيو ويو ۽ عالمي يتيم خاني طور سڃاڻپ رکندڙ سنڌ اندر آباد ڪري کين تازو ميڊيا رپورٽن موجب ڏھ لک پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پراڻين ميڊيا رپورٽن موجب پهريان ئي 5 لک کان وڌيڪ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيل آهن ۽ ان وقت هڪ وفاقي سول ايجنسي توڙي ٻين ادارن مختلف وقتن تي ڪيتريون ئي ڪارروايون پڻ ڪيون ۽ پراڻين رپورٽن موجب بلوچستان جي چئن ضلعن اندر اهڙيون ڪيمپون موجود هيون جتي افغاني مهاجرن جي آڙ ۾ ويڙهاڪ به رهيل هئا ۽ اتان باقاعدي دهشتگردن جون "ڀرتيون” پڻ ٿيون.

نه صرف اهو سڀ ڪجھه پر ان سان گڏ 2005ع کان وٺي هن وقت تائين جيڪي به دهشتگرديءَ واريون ڪارروايون ٿيون آهن انهن ۾ ڪٿان نه ڪٿان افغانين ۽ افغانستان جو لنڪ ضرور ظاهر ٿيندو آهي ۽ جيئن ماضيءَ ۾ پشاور افغانستان جي ڪنهن شهر جو ڏيک ڏيندو هو، ايئن ئي بس ڪجهھ عرصي اندر ئي پوري ڪراچي پڻ اهڙو ئي ڏيک ڏيندي، ڇاڪاڻ ته ڪراچي جي ٽرانسپورٽ کان وٺي ڪاروبار جي هڪ وڏي حصي تي افغانين جو مڪمل ڪنٽرول ٿي چڪو آهي.

سو ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته پاڪستاني اختياريون پنهنجي ملڪي سلامتيءَ لاءِ ماضيءَ ۾ افغاني مهاجرن جي واپسي لاءِ گڏيل قومن جي اداري  افغاني سرڪار سان جيڪي معاهدا ڪيا هئا انهن تي عمل ڪرائڻ لاءِ سنجيده ٿين، جڏهن ته ان سان گڏوگڏ لکين بنگالين، بهارين، برمين ۽ ٻين پرڏيهين جي واپسيءَ لاءِ پڻ ڪي تڪڙا اپاءَ وٺي، ٻي صورت ۾ مختصر وقفي لاءِ دهشتگرد ڪاررواين جي رڪجڻ تي ئي آپريشن رد الفساد تي اطمينان جو اظهار ڪرڻ عجيب پيو محسوس ٿئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.