شهدادڪوٽ: ايس ٽي پي ڪارڪنن جو يوسي اعتبار چانڊيو انتظاميا خلاف ڌرڻو

شهدادڪوٽ ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران يوسي اعتبار چانڊيو انتظاميا جي مبينا ڪرپشن ۽ رهواسين سان زيادتين خلاف ڌرڻو هنيو ويو.

امداد سومرو. فاروق چاوڙو، لال بخش جمالي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ترقي پسند هائوس کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن الزام مڙهيندي چيو ته يونين ڪائونسل اعتبار چانڊيو جو سيڪريٽري پرديپ ڪمار ۽ ڪلارڪ رجب خاصخيلي غريب ماڻهن کان ڄمڻ، موت ۽ رهائش سرٽيفڪيٽس سميت ٻين جائز ڪمن جي لاءِ پنج سئو کان هڪ هزار رپيا رشوت وٺي رهيا آهن، جڏهن ته  پئسا نه ڏيندڙن کي مختلف جواز ڄاڻائي پريشان ڪيو وڃي ٿو.

هنن چيو ته سنڌ حڪومت کان يوسي کي هر مهيني 5 لک بجيٽ ملي ٿي جيڪا پڻ علائقي تي خرچ ڪرڻ بدران حصو پتو ڪئي وڃي ٿي.

ڪارڪنن سنڌ حڪومت ۽ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته يوسي اعتبار چانڊيو جي رهواسين کي جائز سهولتون ڏئي ڪرپٽ سيڪريٽري ۽ ڪلارڪ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.