گھوٽڪي: مڪاني چونڊن لاءِ چونڊ سرگرميون جاري، پ پ ايم اين اي جون گڏجاڻيون

گھوٽڪي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ چونڊ سرگرميون جاري آهن، جڏهن ته پ پ ايم اين اي پاران مختلف ڳوٺن ۾ گڏجاڻيون ڪيون ويون آهن.

پ پ ايم اين اي محمد بخش مهر يوسي قاضي بادل جي مختلف ڳوٺن ۾ مختلف برداري جي ماڻهن سان گڏجاڻيون ڪيون.

گڏجاڻين دوران پ پ ايم اين اي کي آرائين، مهر، سيد، چاچڙ، ملڪ، شيخ ۽ سومرا برادري سميت ٻين برادرين جي ماڻهن يوسي قاضي بادل تي پ پ جي اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جي پڪ ڏياري.

ان موقعي تي پ پ ايم اين اي محمد بخش مهر سان مقامي اڳواڻ ۽ ڪارڪنن پڻ گڏ هوا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.