دعا زهرا ۽ مڙس لاهور هاءِ ڪورٽ پيش، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪراچي مان لاهور وڃي پسند جي شادي ڪندڙ دعا زهرا ۽ سندس مڙس ظهير احمد کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو ۽ عدالت ڇوڪري جي بازياب ٿيڻ تي درخواست اڪلائي ڇڏي آهي.

دعا زهرا ۽ سندس مڙس ظهير احمد کي اڄ لاهور پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو.

جسٽس طارق سليم شيخ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ عدالت دعا زهرا جي بازياب ٿيڻ تي درخواست اڪلائي ڇڏي.

ياد رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ظهير احمد جي والدين جي درخواست تي دعا زهرا کي 10 جون تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته دعا زهرا کي پنهنجي مرضي جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت آهي.

تفصيلي فيصلي ۾ عدالت چيو هو ته سمورن ثبوتن جي روشني ۾ هي اغوا جو ڪيس نٿو ٺهي.

عدالت ڪيس اڪلائيندي چيو هو ته دعا زهرا پنهنجي مرضي سان جنهن سان وڻي رهي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.