ڪنهن گاڏي تي ڪيترو ٽيڪس هوندو؟ تجويزون پيش

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف روينيو 1600 سي سي کان مٿي جي گاڏين تي ٽيڪس ٻيڻو ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي.

ايف بي آر 850 سي سي تائين گاڏين تي 10 هزار رپيا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته 851 سي سي کان 1000 سي سي تائين گاڏين تي 20 هزار رپيا، 1001 سي سي کان 1300 سي سي تائين گاڏين تي 25 هزار رپيا ٽيڪس ۽ 1301 سي سي کان 1600 سي سي تائين گاڏين تي 50 هزار ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز شامل آهي.

1601 سي سي کان 1800 سي سي تائين گاڏين تي ڏيڍ لک رپيا ۽ 1801 سي سي کان 2000 سي سي تائين گاڏين تي ٻه لک رپيا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.

2001 سي سي کان 2500 سي سي تائين گاڏين تي 3 لک رپيا، 2501 سي سي کان 3000 سي سي تائين گاڏين تي 4 لک رپيا ۽ 3000 سي سي کان وڌيڪ گاڏين تي 5 لک رپيا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.