موبائيل فون تڪڙي موت جا خطرا وڌائي ٿي: تحقيق ۾ انڪشاف

موبائيل فون جا هيل تائين ڪيترائي نقصان سامهون آيا آهن پر هاڻي ماهرن ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو آهي ته هي اوهان جي حياتي به کٽائي سگهي ٿي.

عالمي ميڊيا رپورٽ موجب هڪ نئين تحقيق ۾ سائنسدانن چيو آهي ته موبائل فون جو گڻو استعمال ماڻهن ۾ خطرناڪ بيمارين جو سبب بڻجي عمر گهٽائي ٿو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته گهڻي دير اسڪرين تي گذارڻ اکين کي نقصان پهچائي ٿو ۽ جسم جي ٻين عضون تي به ناڪاري اثر پون ٿا.

هن تحقيق ۾ سائنسدانن مکين تي تجربا ڪيا ۽ ان دوران مکين کي گهڻي روشني ۾ رکيو ويو هو انهن جي عمر ٻين مکين جي ڀيٽ ۾ گهٽجي وئي هئي.

نتيجن موجب اسڪرين سان اکين کي پهچندڙ نقصان ٻين عضون تي به پوي ٿو ۽ مدافعتي نظام به ڪمزور ڪري ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.