نوشهروفيروز بار پاران اڳوڻي صدر عبدالسلام لهراڻي جي پنجين ورسي ملهائي وئي

نوشهروفيروز بار پاران اڳوڻي صدر ۽ ناليواري وڪيل عبدالسلام لهراڻي جي پنجين ورسي ملهائي وئي.

بار آفيس ۾ ڪوٺايل ورسي تقريب ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ عبدالستار لهراڻي، ضلعي صدر عبدالرحيم عباسي ۽ اشفاق تڳر سميت وڪيل برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ورسي تقريب کي خطاب ڪندي مقرر چيو ته عبدالسلام لهراڻي هڪ بهترين وڪيل سان گڏ انسان دوست پڻ هو، جيڪو سدائين مظلوم ۽ غريب ماڻهن جا بنا معاوضي ڪيس وڙهندو هو.

مقررن وڌيڪ چيو ته عبدالسلام لهراڻي نوشهروفيروز بار ڪائونسل جو پڻ بنياد وجهي ضلعي جي وڪيلن کي بهتر پليٽ فارم ڏنو، سندس خدمتون سدائين ياد رهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.