مٽياري: شهرين جو مختلف پاڙن ۾ گٽرن ۽ نالين جو بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج

مٽياري ۾ شهرين پاران مختلف پاڙن ۾ گٽرن ۽ نالين جو بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو.

شھرين غلام علي، غلام مصطفي، ذيشان ترڪ ۽ ٻين جو اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي شهرين ميڊيا آڏو دانهيدي ٻڌايو ته پبلڪ هيلٿ انتظاميا جي نااهلي سبب شهر جي گڊا ڊسپوزل بند هجڻ ڪري باقيل، پوٽا سميت مختلف پاڙن ۾ نالين ۽ گٽرن جو ڪنو پاڻي بيهجي ويو آهي، شهرين ڏکيائين کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن.

هنن ڊي سي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي نالين جو ڪنو پاڻي نيڪال ڪرائي شهرين کي ڏکيائين کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.