گھوٽڪي: مبينا آپگھات ڪندڙ ناريءَ جي وارثن جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

گھوٽڪي ۾ مبينا آپگھات ڪندڙ ناريءَ جي وارثن پاران پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو.

ڪجهه ڏينهن اڳ ڳوٺ خاوند بخش ۾ مبينا طور پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگھات ڪندڙ مسمات صغران مهر جي گھر ڀاتين مائي راڄل، احمد علي، محمد بخش مهر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي مبينا آپگھات ڪندڙ ناري جي وارثن ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته صغران جي آپگھات ڪرڻ کانپوءِ گھوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي ۽ ماٿيلو چوڪي جي پوليس رشوت وٺڻ لاءِ بنا جواز ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪري تنگ ڪري رهي آهي.

هنن چيو ته پوليس نياڻي جي آپگھات کانپوءِ وڇايل تڏو به کڻائي ڇڏيو، جڏهن ته تڏي  تي آيل هڪ مهمان کي پڻ کنڀي گم ڪري ڇڏيو.

احتجاج ڪندڙن ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي گھوٽڪي ۽ پ پ ايم پي اي سردار محمد بخش خان مهر کان مطالبو ڪيو ته پوليس زيادتي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.