اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي ڀارت جي سلامتي ڪائونسل ۾ مستقل رڪنيت جي حوالي سان پاڪستان جي حمايت جا افواهه رد ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير سان هڪ مڪمل بي بنياد ۽ خيالي ڳالهه جوڙي پئي وڃي، پرڏيهي وزير ۽ آمريڪي اسٽيٽ سيڪريٽري وچ ۾ ڀارت جي رڪنيت جي حوالي سان ڳالهه ڳالهه نه ٿي.
هن چيو ته پاڪستان جو سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن جي انگ ۾ واڌ جي ڀرپور مخالفت تي واضح موقف آهي، ان حوالي سان پاليسي ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان اهڙي سلامتي ڪائونسل جو خواهشمند آهي، جيڪا ڪجهه بدران اڪثريتي رياستن جي مفادن جو تحفظ ڪري.