وفاقي بجيٽ: دوائن ۽ سولر پينلز جي سستي ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت سولر پينلز ۽ دوائن جا اگهه گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ايندڙ مالي سال 23-2022 جي بجيٽ پيش ڪئي.

هن چيو ته پاڪستان ۾ توانائي جي سخت کوٽ آهي، ۽ پيٽروليم جي اگهن ۾ واڌ سبب ٿرمل انرجي مهانگي ٿي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هن صورتحال ۾ ماحول دوست توانائي اڳتي وڌائڻ جو بهترين رستو  آهي ۽ انڪري سولر پينلز جي درآمد ۽ مقامي سپلائي کي سيلز ٽيڪس مان ڇوٽ ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

انکاسواءِ  200 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙ واهيپدار کي سولر پينلز جي خريداري تي بئنڪن مان آسان قسطن تي قرض  ڏياريا ويندا، جنهن سان ماحول دوست طريقي سان بجلي حاصل ڪرڻ ممڪن هوندو جڏهن ته درآمد ٿيل مهانگي تيل ۽ گئس جي استعمال ۾ گهٽتائي ايندي.

بجيٽ تقرير ۾ هن وڌيڪ چيو ته فارماسيوٽيڪل سيڪٽر لاءِ  30 کان وڌيڪ ايڪٽيو فارما سيوٽيڪل انگريڊينٽس ( ڪنهن دوا لاءِ گهربل جزا ) کي ڪسٽم ڊيوٽي کان مڪمل ڇوٽ ڏني وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.