بجيٽ ۾ ڪيترن اربن جا واڌو ٽيڪس لڳايا ويا آهن؟

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف بي آر چيئرمين عاصم احمد چيو آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ 355 ارب رپين جا واڌو ٽيڪس لڳايا ويا آهن.

فيڊرل بورڊ آف روينيو چيئرمين چيو ته بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي رليف فراهم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مقامي ٽيڪس 52 سيڪڙو ۽ 48 سيڪڙو اسان جا درآمدن جا ٽيڪس آهن.

هن چيو ته پگهادار طبقي کي حڪومت رليف فراهم ڪيو آهي ۽ بجيٽ ۾ 355 ارب رپين جا واڌو ٽيڪس لڳايا ويا آهن.

سندس چوڻ هو ته وڌيڪ آمدني وارن ماڻهن تي ٽيڪس لڳايو ويو آهي ۽ نان فائلرز تي واڌو ٽيڪس هنيا ويا آهن، ريئل اسٽيٽ، فارم هائوسز تي ٽيڪس وڌايا ويا آهن.

عاصم احمد چيو ته ٽريڪٽر جي درآمد ۽ سولر پينل تي ڪسٽم ڊيوٽي ۾ ڇوٽ ڏني وئي آهي، جڏهن ته ايل اي ڊي لائٽس کي سستو ڪرڻ جا قدم کنيا آهن ۽ دوائن جي ڪچي مال کي سستو ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ ٻجن، ٽريڪٽرن، پاور پلانٽن جي مشينري جي درآمد تي سيلز ٽيڪس ختم ڪيو ويو آهي.

ايف بي آر چيئرمين چيو ته ايندڙ سال لاءِ ٽيڪس هدف 7004 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي ۽ بجيٽ ۾ 355 ارب رپين جا ٽيڪس قدم کنيا ويا آهن، 75 سيڪڙو ٽيڪس تجويزون انڪم ٽيڪس سميت ڊائريڪٽ ٽيڪسن بابت آهن، سڄو فوڪس ڊائريڪٽ ٽيڪسن ڏانهن آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.