سني ديول، سنجي، جيڪي ۽ مٿن دشمنن سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ۾ 80 جي ڏهاڪي جا مشهور ايڪشن هيروز نئين فلم ۾ ڌماڪيدار انٽري ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

فلمساز احمد خان هڪ ايڪشن فلم ۾ ليجنڊ فنڪارن کي ٻيهر اسڪرين تي جوهر ڏيکارڻ جو منصوبو ٺاهي ورتو آهي جنهن جي شوٽنگ مختلف جاين تي ڪئي ويندي.

فلم جي مک ڪاسٽ ۾ ايڪشن ڪا باپ جي نالي سان مشهور مٿن چڪربورتي، جيڪي شروف، سنجي دت ۽ سني ديول شامل آهن.

ذريعن موجب وڏن فنڪارن کي هڪ ئي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جو منصوبو ڊگهي وقت کان هلي رهيو هو جنهن تي هاڻي عمل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.