نئين بجيٽ معاشي استحڪام آڻيندي: مريم اورنگزيب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نئين بجيٽ سان معاشي استحڪام ايندو.

صحافين سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي شعبي لاءِ مراعتون رکيون ويون آهن، نوجوان طبقي جي ڀلائي لاءِ خاص قدم تجويز ڪيا ويا آهن.

هن چيو ته آءِ ايم ايف جي سخت شرطن باوجود پگهادار طبقي کي به رليف ڏنو ويو، پگهاردار طبقي تي ٽيڪس جي حد کي 6 لک مان وڌائي 12 لک رپيا ڪيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته فلم انڊسٽري لاءِ به ٽيڪس ڇوٽ تجويز ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.