ملڪي سياست جو ڪاروهنوار اسٽيبليشمنٽ کانسوءِ نٿو هلي سگهي : پرويز الاهي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب اسيمبلي ۽ مسلم ليگ ( ق ) جي اڳواڻ چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته ملڪ جي سياست ۾ شيون اسٽيبليشمنٽ کانسواءِ نٿيون هلي سگهن.

پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ هوته سياسي پارٽيون چونديون ته آهن ته اسٽيبليشمنٽ ڪم ۾ رخنو نه وجهي پر جيسيتائين هو سڀني کي گڏ ويهاريندا نه ته نيب چيئرمين ۽ اليڪشن ڪمشنر ڪيئن ۽ ڪير مقرر ڪندو.

هن چيو ته عمران خان جا اتحادي آهيون سندس غلام ناهيان جو غلط کي به سهي چئون، اسان واضح چئون ٿا ته اهو غلط آهي ان کي درست ڪيو، عمران خان 2018ع کان اڳ شوقيه سياست ڪري رهيو پر ٿوري مارجن ۽ اتحادين جي مدد سان هن وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهي.

چوڌري پرويز الاهي وڌيڪ چيو ته ق ليگ ۾ ڪو اختلاف ناهي، اسان ڪنهن پارٽي ۾ شموليت اختيار نه پيا ڪيون ۽ نه ئي ڪيڏانهن وڃون پيا، جيڪو پارٽي فيصلو ڪندي ائين ئي ٿيندو، اسان کي پاڻ ۾ ويهي معاملا حل ڪري وٺنداسين.

وزيراعظم تي تنقيد ڪندي هن چيو ته ته شهباز شريف چوندو هو ته آصف زرداري کي گهيليندو، جڏهن ته هاڻي آصف زرداري ئي کيس اهڙي هنڌ آڻي بيهاريو آهي جو هو لاوارث ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.