يونيورسٽي جي شاگردياڻي کير پياڪ ٻار سميت جنريٽر روم ۾ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت

پشاور (ويب ڊيسڪ) بونير يونيورسٽي ۾ بي ايس جي شاگردياڻي پنهنجي کير پياڪ ٻار سان گڏ ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي وئي.

يونيورسٽي جي باءِ پاس ڪيمپس ۾ انيگريزي ۽ نفسيات جي شعبي ۾ اڱاري ڏينهن عورت پنهنجي ٻار کي کير پيارڻ لاءِ جنريٽر روم ۾ وئي هئي جتي حياتي وڃائي ويٺي.

انتظاميا جو چوڻ آهي ته عورت اڪثر جنريٽر روم ۾ ٻار کي کير پيارڻ ويندي هئي جتي هن پنهنجي لاءِ ڪرسيون به رکرايون هيون.

عورت اندران در بند ڪري ڇڏيو هو ۽ دريون به بند هيون، جنريٽر بند ڪيو ويو هو ۽ بجلي وئي ته ٻيهر جنريٽر هلائڻ لاءِ وياسين ته شاگردياڻي در نه کوليو.

عملدارن موجب در نه کولڻ تي دريون ڀڃي اندر داخل ٿياسين ته ٻئي بيهوش پيل هئا جن کي ڪڍي ريسڪيو 1122 جي رضاڪارن ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر ٻئي حياتي وڃائي ويٺا.

ماءُ ۽ پٽ جي مارجڻ کانپوءِ يونيورسٽي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين احتجاج ڪيو جنهن کانپوءِ يونيورسٽي کي اڻ ڄاڻايل مدي تائين بند ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.