عامر لياقت، عبدالله شاهه غازي جي مزار جي احاطي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور ٽي وي شخصيت ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين کي ڪراچي ۾ عبدالله شاهه غازي جي مزار جي احاطي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

عامر لياقت جي جنازي نماز سندس پٽ احمد عامر پڙهائي جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.

عامر لياقت حسين گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو هو ۽ سندس تدفين اڄ ٿي آهي.

پوليس طرفان لاش جي پوسٽ مارٽم تي زور ڀريو ويو هو جنهن سبب دير ٿي.

پوسٽ مارٽم جي زور تي عامر لياقت جي گهرڀاتين جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت سان رابطو ڪيو هو جنهن مختصر ٻڌڻي کانپوءِ پوليس سرجن کي حڪم ڏنو ته هو مڙهه جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪن جنهن بعد پوسٽ مارٽم ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو ٿيندو.

پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه طرفان لاش جي معائني بعد مڙهه عامر لياقت جي پٽ احمد جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.