مسواڙ سان ٿيندڙ آمدني ۽ ملڪيت جي ڏيتي ليتي تي ٽيڪس ۾ واڌ

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزير بجيٽ پيش ڪندي مسواڙ سان ٿيندڙ آمدني تي به ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

مفتاح اسماعيل چيو ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حيثيت رکندڙ ماڻهن جي دولت جو وڏو حصو پاڪستان جي ريئل اسٽيٽ سيڪٽر ۾ موجود آهي، اها ٻه مُنهي تلوار آهي، ان سان هڪ پاسي غير پيداواري اثاثا جمع ٿيندا آهن ته ٻئي پاسي غريب ۽ گهٽ آمدني واري طبقي لاءِ گهرن جي قيمت وڌي ويندي آهي، تنهن ڪري ان عدم توازن کي درست ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا.

هن چيو ته اهي سڀ ماڻهو، جن جي هڪ کان وڌيڪ منتقل نه ٿيڻ جوڳي ملڪيت پاڪستان ۾ موجود آهي ۽ جنهن جي ماليت اڍائي ڪروڙ رپين کان وڌيڪ آهي، ان تي فيئر مارڪيٽ ويليو جي 5 سيڪڙو جي برابر فرضي آمدني/مسواڙ تصور ڪئي ويندي، جنهن جي نتيجي ۾ پراپرٽي جي فيئر مارڪيٽ ويليو جي هڪ سيڪڙو ٽيڪس جي شرح اثرائتي هوندي پر ڪنهن جو هڪ عدد ذاتي رهائشي گهر ان ٽيڪس کان آجو هوندو.

سندس چوڻ هو ته هاڻ پاڪستان ۾ موجود منتقل نه ٿيڻ جوڳي ملڪيت جي ڪيپيٽل گين تي هڪ سال هولڊنگ پيريئڊ جي صورت ۾ 15 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي، جيڪو هر سال اڍائي سيڪڙو جي گهٽتائي سان 6 سالن جي هولڊنگ پيريئڊ جي صورت ۾ ٻڙي ٿي ويندو.

ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس فائلرز لاءِ پراپرٽي جي خريد ۽ وڪري تي ايڊوانس ٽيڪس جي شرح هڪ سيڪڙو مان وڌائي ٻه سيڪڙو، جڏهن ته نان فائلرز جي حوصلا شڪني لاءِ ايڊوانس ٽيڪس جي شرح 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.