ايپل ڪمپنيءَ اوڌر تي آءِ فونز ڏيڻ جو منصوبو شروع ڪري ڇڏيو

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) ايپل ”باءِ نائو پي ليٽر“ يعنيٰ هاڻي خريد ڪريو ۽ بعد ۾ ادا ڪريو واري ڪاروبار ۾ شموليت اختيار ڪندي ”ايپل پي ليٽر“ نالي سروس متعارف ڪرائي آهي جنهن کي سولن لفظن ۾ اوڌر واري سروس چئي سگهجي ٿو.

هي سروس هلندڙ هفتي ايپل جي ورلڊ وائيڊ ڊيولپرز ڪانفرنس ۾ شروع ڪئي وئي آهي.

پي ليٽر کي ايپل والٽ ايپ ۾ ضم ڪيو ويندو جنهن سان ايپل واهپيدار ڪابه خريداري ڪري سگهندا.

واهپيدار خريداري جي رقم کي چئن قسطن ۾ ورهائي سگهندا ۽ بنا وياج ۽ ڪميشن جي چئن جي مدي ۾ مڪمل رقم ادا ڪري سگهن ٿا.

ايپل ڪمپني ان کان اڳ واهپيدار جي مالي سگهه جي پڙتال ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.