آزاد ڪشمير: سماهني ٻيلي ۾لڳل باهه بي قابو، 7 اهلڪار زخمي

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ ) آزاد ڪشمير جي سماهني ٻيلي ۾ گذريل ڏينهن لڳل باهه تي ظابطو نه آندو ويو جڏهن باهه وسائڻ جي ڪوشش دوران 7  اهلڪار سڙي زخمي ٿي پيا آهن.

ٻيلي کاتي جي عملدارن جو چوڻ آهي ته سماهني ماٿري جي باغسر سدهيڙي بلاڪ ڪي ۾  لڳل باهه تي اڃا تائين مڪمل طور تي ظابطو ناهي اچي سگهيو.

باهه وسائڻ  جي ڪوشش دوران زخمي ٿيندڙ ٽن اهلڪارن کي فوري امداد ڏئي گهر موڪليو ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ چئن زخمين کي سي ايم ايڇ کاريان منتقل ڪيو ويو آهي.

انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻيلي جي اڌ کان گهڻي حصي تي لڳل باهه تي ظابطو آندو ويو آهي جڏهن ته انڌاري سبب باهه ٻيهر لڳي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.