هاڻي گوگل ميپس ذريعي واهپيدار تازي هوا ۾ ساهه کڻي سگهندا

گوگل ميپس اوهان کي رستن جي ڳولا ڪرڻ ۾ ته مدد فراهم ڪندو آهي پر هاڻي اها سروس تازي هوا ۾ ساهه کڻڻ به ممڪن بڻائيندي.

گوگل  جي هن مشهور سروس ۾ ايئر ڪواليٽي ليئر نالي فيچر جو واڌارو ڪيو پيو وڃي جيڪو واهپيدار جي آس پاس موجود هوا جي معيار بابت ٻڌائيندو.

مطلب ته اوهان جي ڀرپاسي هوا خراب آهي يا سٺي، گوگل ميپس مان ڄاڻن ممڪن هوندو.

تفصيل ڄاڻي اوهان وڌيڪ بهتر فيصلو ڪري سگهو ٿا ته گهر کان ٻاهر وڃڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن لازمي آهي ته وقت جي ڊيگهه بابت فيصلو ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملي سگهندي.

گوگل ميپس ۾ اهي تفصيل اعتبار جوڳن ماحولياتي ادارن جي ڊيٽا ذريعي فراهم ڪيا ويندا.

هي فيچر استعمال ڪرڻ لاءِ سيٽنگز مينيو ۾ وڃي اتي ايئر ڪواليٽي جي آپشن کي سليڪٽ ڪرڻو پوندو.

ڄاڻايل ميچر في الحال رڳو آمريڪا ۾ پيش ڪيو پيو وڃي پر امڪان آهي ته اهو ئي آهي ته ايندڙ مهينن ۾ سڄي دنيا ۾ واهپيدار مان لاڀ حاصل ڪري سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.