نفرت جوڳن ٽوئيٽس جي روڪٿام لاءِ انتظاميا جو فيصلائتو قدم

ٽوئيٽر انتظاميا نفرت جوڳن ٽوئيٽ کي رپورٽ ڪرڻ جو عمل آسان بڻائي ڇڏيو آهي.

ٽوئيٽر نئين ٽوئيٽ رپورٽنگ ٽولز متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن.

ڪمپني طرفان پيش ڪيل ٽولز تي گذريل سال کان ٽيسٽ ڪئي پئي وئي هاڻي سمورن واهپيدارن لاءِ اهي پيش ڪيا پيا وڃن.

ڊسمبر ۾ ڪمپني چيو هو ته اعتراض جوڳن پيغامن جي کي رپورٽ ڪرڻ  وارو عمل آسان بڻايو پيو وڃي.

پهريان ٽوئيٽر تي ڪنهن به ٽوئيٽ کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ واهپيدارن ڪيئي قسمن جي مينيوز ۾ وڃي ان کي مخصوص اصولن جي نشاندهي ڪرڻي پوندي هئي جنهن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي هجي.

اهو طريقو واهپيدارن کي مونجهاري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو هو ۽ تنهنڪري هو اڪثر تڪراري ٽوئيٽس کي رپورٽ ڪرڻ کان پاسو ڪندا هئا.

هاڻي نئين طريقيڪار ۾ ڪنهن اصول جي نشاندهي بدران واهپيدار کان پڇو ويندو ته سندس خيال ۾ رپورٽ ڪيل ٽوئيٽ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي.

اهڙي نموني ڪنهن فرد يا اداري کي هدف بڻائيندڙ ٽوئيٽس کي رپورٽ ڪرڻ به آسان بڻايو پيو وڃي ۽ واهپيدارن کي نفرت جوڳن پيغامن کي رپورٽ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ آپشن فراهم ڪيا پيا وڃن.

ڪمپني ٻڌايو ته آزمائشي مرحلي ۾ جن واهپيدارن کي نون ٽولز تائين پهچ حاصل هئي، انهن پاران اعراض جون ٽوئيٽس کي رپورٽ ڪرڻ جي ريشي ۾ 50 سيڪڙو واڌ ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.