عامر لياقت جو مڙهه به منهنجو ۽ دانيا جو منتظر آهي: دانيا جي ماءُ

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ميمبر عامر لياقت جي ٽين گهرواري دانيا ملڪ جي ماءُ ڌيءَ تي ڪئي ويندڙ تنقيد جو جواب ڏئي ڇڏيو آهي.

دانيا جي ماءُ پيءَ جي دفاع ۾ هڪ وڊيو بيان جاري ڪيو، جيڪو دانيا جي ئي انسٽاگرام تي شيئر ڪيو ويو آهي.

وڊيو ۾ دانيا جي ماءُ چيو ته منهنجي سڄي پاڪستان کي اپيل آهي ته جيڪي ماڻهو عامر لياقت جي لاڏاڻي تي غلط ڪمينٽ ڪري رهيا آهن، انهن کي ائين نه ڪرڻ گهرجي، توهان جو چوڻ آهي ته تصويرن سبب عامر لياقت جو لاڏاڻو ٿيو، ائين ناهي، جيڪڏهن تصويرن جي ڳالهه هجي ها ته هو ان معاملي تي ٻئي ٽئين ڏينهن لاڏاڻو ڪري وڃي ها.

هن چيو ته توهان ان جي گهر وڃو، جتي ان جي دوستن جو چوڻ آهي ته عامر لياقت جي گهر ۾ جنريٽر جو دانهون ڀرجي وڃڻ سبب سندس طبعيت خراب ٿي، جڏهن هو جيئرو هو، تڏهن به انهن تصويرن سبب سڀ عامر لياقت جي پويان هئا ۽ هاڻ لاڏاڻو ڪري ويو آهي ته به ماڻهو ان جي پويان پيل آهي، خدا جو خوف ڪيو.

سندس چوڻ هو ته حڪومت طرفان اسان تي اڃا تائين ڪنهن به هٿ نه رکيو، اسان خلع جي دعويٰ داخل ڪرائي هئي پر عدالت ڊگري ته نه ڏني هئي، ڪيس شروع ٿيڻ کان اڳ ئي هو گذاري ويو.

دانيا جي ماءُ چيو ته اسان عامر لياقت جي آخري ديدار لاءِ روئي رهيا آهيون، عامر لياقت جو مڙهه به منهنجو ۽ دانيا جو منتظر آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.