سلمان خان قاتلاڻي حملي کان ذري گهٽ بچي ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار سلمان خان قاتلاڻي حملي کان ذري گهٽ بچي ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته سلمان خان کي قتل ڪرڻ لاءِ هڪ گروهه تيار ويٺو هو پر سلمان خان جي قسمت ڀلي هئي جو هو ذري گهٽ بچي ويو.

رپورٽ موجب سڌو موسي والا کي قتل ڪندڙ ڏوهاري لارنس بشنوئي طرفان هڪ شارپ شوٽر کي سلمان خان کي مارڻ لاءِ موڪليو ويو هو جنهن ڪوشش به ڪئي.

دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته شارپ شوٽر هاڪي جي ڪيسنگ ۾ هٿيار لڪائي سلمان خان جي گهر ٻاهران پهتو هو.

شوٽر وٽ اها ڄاڻ هئي ته سلمان خان صبح جو سائيڪل هلائڻ لاءِ گهران نڪرندو آهي ته اڪيلو هوندو آهي ۽ ساڻس ڪا به سيڪيورٽي ناهي هوندي.

جنهن ڏينهن شوٽرز سلمان خان جي گهر ٻاهران کيس قتل ڪرڻ پهتا ته ان ڏينهن سلمان خان سان گڏ پوليس جا جٿا موجود هئا ۽ سندس گهر ٻاهران ننڍڙي تقريب به هلي رهي هئي.

ماڻهن جي پيهه ڏسي شوٽرز پريشان ٿي ويا ۽ سلمان خان کي قتل وارو منصوبو ملتوي ڪري ڇڏيو.

رپورٽ موجب لارنس بشنوئي جي موڪليل شوٽرز کي پوليس هٿان پڪڙجڻ جو ڊپ هو پر اڃا به اها گينگ سلمان خان جي پٺيان پيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.