لازمي موت جي سزا کي ختم ڪرڻ جو فيصلو

ملائيشيا لازمي موت جي سزا کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪا هن وقت مختلف ڏوهن جهڙوڪ قتل، دهشتگردي ۽ منشيات جي اسمگلنگ تي ٻڌائي ويندي آهي.

هاڻي ججز طرفان انهن ڏوهن جي ڪيسن ۾ موت جي سزا کان هٽي ڪري ٻين مناسب سزائن جو فيصلو ڪيو ويندو.

ملائيشيا جي قانون واري وزير موجب ماهرن جي هڪ رپورٽ ۾ متبادل سزائون تجويز ڪيون ويون هيون ۽ انهن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ حڪومت لازمي موت جي سزا وارن 11 ڏوهن لاءِ متبادل سزائن تي غور ڪيو.

هن وڌيڪ چيو سمورن جائزن مان ثابت ٿيو آهي ته حڪومت کي ڌرين جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ گهرجي ۽ ان کي نظر ۾ رکندي لازمي موت واري سزا تي نظرثاني جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ملائيشيا جي قانون واري وزير پنهنجي بيان ۾ اهو ناهي ٻڌايو ته ڪيستائين موت جي سزا جي خاتمي تي عملدرآمد شروع ٿيندو يا ان جي جاءِ تي ڪهڙيون سزائون ڏنيون وينديون.

واضح رهي ته گڏيل قومن جي ماهرن طرفان ميمبر ملڪن تي زور ڏنو ويو آهي ته موت جي سزا سڀ کان وڏي سنگين ڏوهه تي ئي ڏيڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.